ونڊوز ايڪس پي انسٽاليشن دوران ايندڙ بلو اسڪرين ايرر ۽ ان جو حل

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن اڳ موڪل دوران منهنجي هڪ دوست گل چوهاڻ ڪجهه مسئلن ڪري ونڊوز ٻيهر ڪرڻ چاهي ته سندس اڳيان بار بار هيٺ ڏيکاريل اسڪرين شاٽ جو بلو اسڪرين ايرر اچڻ لڳو۔۔۔ هن ڪمپيوٽر جي سي ڊي مٽائي۔۔ ونڊوز جون ٽي چار ڊسڪس مٽايون پر مسئلو ساڳيو۔۔۔ تڏهن هن مون کي فون تي مسئلو ٻڌايو۔۔۔
    ساڳيو مسئلو اسان جي محسن دوست ابو واصف جن سان به پيش آيو جن پڻ مون کان فون تي پڇيو۔۔۔
    ادا ابوواصف کي ته نه ها البته گل چوهاڻ کي ڊيڄارو ڏيندي کيس پڇيم ته ايرر ان وقت اچي ٿو جڏهن ونڊوز انسٽاليشن کان اڳ ڪمپويٽر جا سمورا هارڊويئر پڙهي بس ٿي ڪري۔۔۔ جواب ها ۾ مليو ته کائنس ٻيو سوال ڪيم ته ايرر ۾ هارڊ ڊسڪ جو به ذڪر اچي ٿو۔۔۔ جنهن ته اسان جي دوست گل هن دفعي زور زور سان ها ڪري پڪ ڏني۔۔۔
    مون کي مذاق سجهيو۔۔۔ ته کيس چيم ”بابا تنهنجي هارڊ ڊسڪ وئي۔۔۔ ۽ ان ۾ موجود ڊيٽا ته بلڪل ريڪور نه ٿيندي۔۔“
    ادا گل جيڪو اڳ ئي خوفزده هيو ڇو ته هو پروفيشنل ڪمپوزر آهي ۽ سندس 500 جي بي هارڊ ڊسڪ ۾ انتهائي اهم ڊيٽا موجود هئي جنهن کي وڃائڻ مطلب وڏو نقصان ان ڪري فورن چيائين۔۔۔ ”سائين مون کي ڊيٽا بچائي ڏيو چاهي منهنجا 10000 خرچ ڪرايو۔۔“
    مون کيس تسلي ڏني ۽ حل ٻڌايو۔۔ ظاهر آهي ٻئي ڏينهن تي شهر جي بهترين هوٽل تي خوب ڊنر ٿيا۔۔۔
    هاڻي سوچيم ته اهو مسئلو سنڌ سلامت جي ٻين دوستن سان به ٿي سگهي ٿو ان ڪري ڇو نه حل سموري سنگت کي ٻڌائجي۔۔۔ ته دوستو ٿورو هن ايرر کي ڏسو۔۔۔

    [​IMG]
    هوئن ته هن ايرر جي اچڻ جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا ته پر اڪثر هي ايرر سسٽم ۾ ساٽا هارڊ ڊرائيو هجڻ ڪري ٿيندو آهي۔۔۔ جنهن جي سيٽنگ سسٽم بايوز ۾ درست نه هجڻ ڪري اڪثر ونڊوز دوران سسٽم هارڊ ڊرائيو کي درست طور پڙهي نه سگهندو آهي۔۔۔
    حل:
    سسٽم کي ريسٽارٽ ڪريو ۽ F2 يا Del يا F10 پريس ڪندي سسٽم بايوز يا سيٽ اپ ۾ داخل ٿيو۔۔۔ هتان ايڊوانس ٽيب مان ساٽا ڪنفگريشن آپشن ڳوليو۔۔۔ مختلف سسٽم جي بايوز ۾ اهو آپشن مختلف طرح ٿيندو آهي۔۔۔ ان ڪري توهان کي غور سان چيڪ ڪرڻو پوندو۔۔۔
    هن آپشن سسٽم ۾ ڪاٿي۔۔ SATA Controller Mode يا SATA Mode يا SATA Operation ته ڪاٿي SATA configuration يا IDE Configuration طور لکيل هوندو آهي ۔۔۔ آپشن تي پهچي ڊيفالٽ طور سيٽ ٿيل AHCI کي تبديل ڪري ATA يا Compatible چونڊيو۔۔۔ هتي هن آپشن جون ڪجهه مختلف مختلف سڪرين شاٽس ڏيکارجن ٿيون۔۔۔

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ تبديل ڪيل سيٽنگ کي محفوظ ڪريو۔۔۔ ۽ ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔​

    [​IMG]
    اميد ته هن دفعي اهڙو ڪو به ايرر نه ايندو ۽ توهان ونڊوز جي باقي پروسيس کي مڪمل ڪري سگهندو۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ادا اهو ايرر ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪمپيوٽر ۾ به اچي ٿو
    ادا ضرور هن پوسٽ تان فائدو کڻنداسين
    شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه ادا واه توهان ته اصل ۾ ٺٺ ڪرائي ڇڏيا۔
    مهرباني ادا رشيد سمون صاحب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مطلب ڊنر مفت ۾ کائڻ لاء پهريان دوست کي ڊيڄارڻوندو ۔۔۔۔ ڀلا اهڙي دوستن جو ڇا ٿيندو جيڪي سدائين هر مسئلي جو حل ونڊوز ٻيهر ڪري ڪندا آهن۔ اوهان سمجهي ته ويا هوندا ۔۔۔۔

    خير ۔۔۔ ان قسم جو ارر مونکي ڪڏهن به ناهي آيو ۔۔۔ اميد ته دوست جن کي هي مسئلو درپيش اچي ٿو سي مسئلو حل ڪري ڊنر جا پيسا موڪلي ڏيندا۔۔۔۔

    لک قرب ۔۔۔ بهترين شيئرنگ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سمجهيو ۽ خوب سمجهيو۔۔۔ اهڙن دوستن کان ڊنر ڪڍڻ سولو ته ناهي پر غور ڪيو ته هي مسئلو آهي ئي ونڊوز جو ان ڪري ممڪن آهي ته اتي به ڏکيو ڪم سولو ٿي پوي ۔۔۔۔;)
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    آئون شاباس ڏيندس دوست ذيشان رشيد کي جنهن اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي۔ اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو گهر جي واشروم ۾ ڪنهن ٽئپ جي خرابي تي به پهرين دري ڪڍي ٻيهر فِٽ ڪندا آهن، انهن کي به مُنجهايو رکي۔
    اوهان هڪڙن کان دعوتون کائي ٻين لاءِ هي سڀ ڪُجهه مُفت ڪري ڇڏيو اها اوهان جي اعلى ظرف جي نشاني آهي۔ پر دوستن کي کپي ته جيڪي واڍن کان به واندا ٿي اچي مٿي تي هٿ ڏيئي ويٺا پر هن ليک مان مستفيد ٿيا اُهي رشيد کي ضرور ڊنر ڪرائين۔ لنچ اسان تي آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سلام ادا

    هڪ بهترين ڏس ڏيڻ لا۽ مهرباني

    تازو ئي آفيس طرفان ايپل جو ڪمپيوٽر فل ايسسريز سان سسٽم ملي ڪجه ئي ڏينهن کان پو۽ ان ۾ ونڊوز ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي مزو تڏهن ٿيو جو اهو مئو مٿيون بليو اسڪرين ايرر اچي بيهي رهيو

    ها ها ها ها ها ها ها ها ها

    ونڊوز ته رهي ونڊوز کي جان ڇڏائڻ مهانگي پئجي وئي مسلسل ٻه ڏينهن لڳا پو۽ به جڏهن ماسي گوگل کان صلاح ورتي تڏهن پنهنجي جان ڇڏائي سڀاڻي ئي ٿو ان کي چيڪ ڪريانس

    مان ته سوچيو هيو ته وري نه ان سسٽم ۾ ونڊوز ڪندس

    هههههههههههههههههههههههههههههههه


    لک لائق


    سدائين گڏ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا رشيد ڪالهه مون وٽ هڪ دوست آيو ۽ چئائين ته مون وٽ ونڊوز ۾ بلو اسڪرين ايرر پيو اچي مان ان کي چيم ڪو ڪو مسئلو ئي نه آهي پر جڏهن اتي پهتس ته ماجرا ئي ٻئي هئي

    هي ايرر پيو پيش اچي سنگت کي
    ان حوالي سان ڪو آسان حل ٻڌايو وڃي ته جئين مون سميت سنگت کي ان ايرر جي حوالي سان معلومات ملي

    [​IMG]
    جواب جو منتظر رهندس
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا توهان جو دوست ونڊوز وسٽا يا 7 استعمال ڪري رهيو آهي۔۔ ؟
    هي ايرر ونڊوز انسٽاليشن جو نه ٿو لڳي۔۔۔ ڇا هلندڙ ونڊوز دوران اهڙي قسم جو ايرر پاڻ مرادو اچي ٿو ۽ سسٽم کي ريسٽارٽ ڪري ڇڏي ٿو؟
    ونڊوز ڪهڙي بٽ تي ٿيل آهي۔۔ 32 يا 64 تي ۔۔۔؟

    معاف ڪجو دوست اليڪشن جي ڪري ڪم وڌي ويا آهن ان ڪري هن ايرر جو مفصل جواب سنڌي ۾ نه ٿو لکي سگهان۔۔ ٻيو ته ان ايرر جو جواب به موضوع سان مطابقت نه ٿو رکي۔۔۔

    خير توهان هن ايرر بابت مفصل معلومات ۽ ان کي حل ڪرڻ جا هڪ کان وڌيڪ طريقا هن لنڪ تي اچي معلوم ڪري سگهو ٿا۔۔۔ اميد ته انهن جي حل تي عمل ڪندي مسئلو سلجهائي سگهو ٿا۔۔۔ ٻي صورت ۾ ٻيهر سوال ڪريو۔۔۔
    http://jai-fixyourpc.blogspot.com/2012/05/stop-c0000135-program-cant-start.html
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ان دوست کان مان اهي سوال اڳ ئي ڪري
    چڪو آهيان ان ٻڌايو هو ته پهريائين ونڊوز 7 هئي پر پو۽ ان ۾ ونڊوز ايڪس پي ڪئي هئي

    32 بٽ تي آهي

    ادا وڌيڪ مان توهان جي ڏنل لنڪ تان رهنمائي وٺان پيو

    مهرباني
     
  11. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    توهان دس
    توهان دوستن جي مهرباني در اصل اهوئي مسئلو آهي جيڪو مون سنڌ سلامت اڳ ڏٺو هيو ليڪن لنڪ نه ملڻ سبب پريشاني ٿي وڌيڪ ان مان فائدو حاشل ڪري اوهان کان وڌيڪ مدد حاصل ڪبي هڪ دفعو ٻيهر مهرباني سنڌ سلامت زنده باد
     
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هفتي کن کان گهر جي ڪمپيوٽر جي ان مسئلي تي هر هيلو هلائي بيٺس پر ڪم نه ٿئي. شڪ پيو ته هارڊ ڊسڪ ئي خراب آهي. پر اچانڪ هي ليک ياد آيو. بس اهو ساٽا وارو آپشن تبديل ڪندي ئي ڪم ٿي ويو. لک ٿورا ذيشان رشيد جا جنهن هي ليک لکيو.
    هي اهڙو ليک آهي جيڪو ريٽنگ ۾ ٽاپ تي هُجڻ کپي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو