• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 7 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 7 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

7 اپريل 1923ع اسڪالر ڊاڪٽر اين بي جي قاضي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 اپريل 1927ع شاعر ولي دائودپوٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 اپريل 1935ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1935ع ليکڪ ۽ ناول نگار آغا سليم (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1942ع باليووڊ اداڪار جيتندر جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1947ع گلوڪار راجيش ڀاردواج (ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1950ع شاعر ميرعبدالرسول مير جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1966ع اداڪار ۽ صداڪار رفيق عيساڻيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1975ع شاعرہ فهميده شرف بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1978ع شاعر همدرد سومرو (چوکنڊي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1984ع ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار ڪليم ٻُٽ جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

7 اپريل 1934ع جان محمد ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو.
7 اپريل 1958ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن پير حاجي مٺل شاهه جو لاڏاڻو ٿيو.
7 اپريل 1967ع مير جعفر خان جمالي جو لاڏاڻو ٿيو.
7 اپريل 1973ع پير عبدالله جان سرهندي جو لاڏاڻو ٿيو.
7 اپريل 1989ع شاعر ايم يعقوب جليس (هالا) جو انتقال ٿيو.
7 اپريل 1992ع جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ حبيب الله ناريجو جي وفات ٿي.
7 اپريل 2012ع قومپرست اڳواڻ شهيد بشير قريشي جو لاڏاڻو ٿيو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
10171615_10203274349597738_590475462_n.jpg


مير عبدالرسول مير :

ناليوارو شاعر ۽ اديب عبدالرسول ”مير“ ولد رئيس مهر علي خان ٽالپر 7 اپريل 1950ع تي ڳوٺ رئيس مهر علي خان ٽالپر تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. ايم. ايس. سي (فزڪس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. هو هن وقت سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه ۾ پرنسپال آهي، کيس ادبي ۽ علمي دنيا ۾ شاعر، اديب، تعليمي ماهر ۽ پروفيسر جي حيثيت طور سڃاتو وڃي ٿو. هن لکڻ جي ابتدا 1970ع ۾ ڪئي. سندس ڪتاب ”سونهن ورونهن“ (شاعري) 2007ع ۾ شايع ٿيو. کيس بردو سنڌي اوارڊ 2005ع، جمال الدين ڀٽي اوارڊ 2005ع، پوئٽ آف دي ييئر 2006ع، ۽ لطيف اوارڊ 2005ع مليل آهن. سندس ذاتي ڪتب خاني ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. هو هن وقت غريب آباد نواب شاهه ۾ رهي ٿو.

انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
____
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top