پير آغا عبدالله جان سرهندي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    پير آغا عبدالله جان سرهندي

    (1888ع کان 1973ع)​

    پير عبدالله جان عرف “شاهه آغا” ولد خواجا محمد حسن جان سرهندي تاريخ 8 جمادالاول سن 1305هه مطابق 22 جنوري 1888ع تي ڳوٺ ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، شروعاتي تعليم پنهنجي ڏاڏي حضرت خواجا عبدالرحمان سرهندي کان ورتائين، ان بعد باقاعده ديني تعليم مولوي عبدالقيوم بختيارپوري، مولوي لعل محمد مٽياروي، مخدوم حسن الله پاٽائي ۽ آخر ۾ مولوي خير محمد مگسي وٽ پوري ڪري علمي تحصيل ڪيائين، ان کان پوءِ انگريزي ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪيائين ۽ گڏوگڏ علم طب جو به مطالعو ڪيائين، کيس شاعري سان به شوق هو ۽ “شائق” تخلص ڪم آڻيندو هو، سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺين ريت آهي: (1) انتخاب مڪتوبات شريف (فارسي)، (2) اربعين مڪتوبات (فارسي)، (3) مونس المخلصين (فارسي)، (4) حفظ حديث (فارسي)، (5) هدايته الحج (سنڌي) (6) راحته القلوب (سنڌي)، (7) راحته المخلصين (سنڌي)، (8) الارشاد، شرح بانت سعاد (سنڌي)، (9)، احسن الوسائل (10)، مخزن العلوم (سنڌي) (11)، تعريف الامراض ۽ تفريق الامراض ۽ (12)، برگ سبز (فارسي)، پير عبدالله جان سرهندي ٽنڊي سائينداد جي حريت پسند عالمن مان هڪ هو، جڏهن “خلافت تحريڪ” شروع ٿي ته ان ۾ شرڪت ڪيائين ۽ ايئن سندس سياسي زبدگي جي ابتدا ٿي، انگريزن جڏهن هن تحريڪ کي ناڪام بنائڻ لاءِ “امن سڀا” قائم ڪرائي ته خلافتي عاڪمن ان جي مخالفت ۾ فتوائن جي تصديق ڪئي. هن “خلافت تحريڪ” جي جلسن ۾ شريڪ ٿي انگريزن خلاف ڀرپور حصو ورتو، خلافت جي خاتمي کان پوءِ پير صاحب “جميعت العلماءِ” ۾ شامل ٿيو ۽ ان جي جلسن ۾ شريڪ ٿي وطن جي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيائين، آغا عبدالل جان 3 ربيع الاول 1393هه/7 اپريل 1973ع تي وفات ڪئي.

    [​IMG]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو