غزل

عدالجار پيرزادو

سينيئر رڪن
ساحل پيرزادو​
محبت جو مچ ٻري ته ڪيئن ٻري​
تو بن منهنجي سري ته ڪيئن سري​
تون ويندين ڄڻ زندگي ويندي هلي​
جيئڙو هاڻي هي ڪري ته ڪيئن ڪري​
خواهش جاڳي پئي آ توسان ملڻ جي​
سا خواهش هاڻي مري ته ڪيئن مري​
جا دلڙي مون کان ويو آهين کسي​
سا هاڻي واپس وري ته ڪيئن وري​
تون ايندين ته عيد ڀائيندس ”ساحل“​
تو بن خوشي دل ڪري ته ڪيئن ڪري​
 
Back
Top