عدالجار پيرزادو
سينيئر رڪن
ساحل پيرزادو
محبت جو مچ ٻري ته ڪيئن ٻري
تو بن منهنجي سري ته ڪيئن سري
تون ويندين ڄڻ زندگي ويندي هلي
جيئڙو هاڻي هي ڪري ته ڪيئن ڪري
خواهش جاڳي پئي آ توسان ملڻ جي
سا خواهش هاڻي مري ته ڪيئن مري
جا دلڙي مون کان ويو آهين کسي
سا هاڻي واپس وري ته ڪيئن وري
تون ايندين ته عيد ڀائيندس ”ساحل“
تو بن خوشي دل ڪري ته ڪيئن ڪري