گوگل ڪروم جو اسٽارٽ اپ ايرر ۽ ان جو حل

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيئن ته گوگل ڪروم تيزي سان پنهنجا اپڊيٽ ورجن نه صرف لانچ ڪري رهيو آهي پر شيڊيول ٽاسڪ ۾ انٽري ڪندي يوزرس جا نه چاهيندي به ورجن اپڊيٽ ڪندو رهندو آهي۔۔
    سنڌ سلامت ايڊيٽر گوگل ڪروم جي نئين ورجن سان مطابقت نه ٿو ڪري ۽ ڪو موضوع يا جواب موڪليندي انگريزي اکر P نما ايرر ڏيندو آهي ان ڪري مون وٽ سسٽم ۾ اڃان تائين گوگل ڪروم جو 18 ورجن انسٽال آهي جنهن کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جو لنڪ سنڌ سلامت پروجيڪٽ مينو ۾ پڻ موجود آهي۔۔۔
    هن ورجن ۾ ايڊيٽر ته سهي ڪم ڪري رهيو آهي پر ڪجهه ڏينهن کان هڪ اسٽارٽ اپ ايرر اچي رهيو آهي۔۔ جانچ ڪرڻ سان خبر پئي ته اهڙو ايرر ڪروم جي نون ورشنس ۾ پڻ آهي۔۔ ايرر ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔

    Your profile cannot be used because it is from a newer version of Google Chrome… fix this error message of Google chrome
    [​IMG]
    دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته هي ايرر اڪثر ان صورت ۾ ايندو آهي جڏهن توهان ڪروم کي ان انسٽال ڪري ڪروم جو ڪو ٻيو ورشن انسٽال ڪندا هجو۔۔۔ ڇو ته ان انسٽاليشن دوران ڪروم پنهنجا سمورا فائيلز ڊيليٽ ڪرڻ بجاءِ ڪجهه ڪيشي نما فائيل سسٽم ۾ موجود رهڻ ڏيندو آهي ۔۔۔ ۽ وري جڏهن مختللف ورشن انسٽال ڪبو آهي ته اهي فائيلز مختلف ورشن هجڻ ڪري ڪميپٽيبلٽي جا اهڙي قسم جا ايررس ڏيندا رهن ٿا۔۔۔
    حل:
    هن مسئلي جو حل اهو آهي ته سڀ کان پهريان پنهنجي سسٽم ۾ لڪيل (هڊن) فائيلز ۽ فولڊر ظاهر ڪريو ۔۔ جنهن لاءِ ماءِ ڪمپيوٽر کولي ان جي ٽولز مينو منجهان آپشن سليڪٽ ڪريو ۔۔۔

    [​IMG]
    هاڻي هيٺين لوڪيشن تي اچو۔۔۔​
    C:\Documents and Settings\User Name\Local Settings\Application Data\Google\Chrome\User Data\Default

    هتان ويب ڊيٽا Web Data نالي فائيل ڳوليو ۽ ان کي ڊليٽ يا ري نيم ڪريو۔۔۔​
    [​IMG]
    ڪروم کي ريسٽارٽ ڪريو ۔۔۔۔ اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي چڪو هوندو۔۔۔ :)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا ايڊيٽر وارو مسئلو جام اچي رهيو آهي، ان لاءِ ڇا ٻيهر واپس 18 ڪروم تي اچڻو پوندو؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مستقل حل جي مسلسل ڳولا ۾ آهيون۔۔ ساڳيو اسڪرپٽ باقي برائوزرس تي درست ڪم ڪري رهيو آهي پر ڪروم ۾ مسئلو پيدا ڪري رهيو آهي۔۔۔
    عارضي حل اهو آهي ته توهان هڪ لفظ لکي ان کي سليڪٽ ڪري مٿان ايڊيٽر بار مان فونٽ تبديل ڪري لکو ۽ موڪلڻ کان اڳ سموري مواد کي سليڪٽ ڪري فارميٽ ختم ڪندڙ بٽڻ (جيڪو فونٽ جي ساڄي پاسي آهي) تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ يا وري نئين ورشن کي مڪمل طور ان انسٽال ڪري گوگل ڪروم 18 ورشن انسٽال ڪريو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    چئبو ته اها مُئي P هن مُلڪ جي حُڪمرانن (وڏيرن) جيان جان نه ڇڏيندي؟
    يار ڪو اهڙو حل ڳوليو جيڪو اثرائتو هُجي۔ هي ته ايئن ٿيو جو وڏي گاڏي پُراڻي ماڊل هلائڻ واري کي نئين گاڏي وٺي ڏِجي پر اُهو چئي مون کان ڪونه ٿي هلي۔ هن جا آٽوميٽڪ گيئر سمجهه ۾ نه ٿا اچن۔ سو اها موٽايو ۽ مون کي پُراڻي هلائڻ ڏيو۔ ڀلي کڻي انهي جا سڀ سامان پورا هُجن۔ اي سي به نه هُجي۔ هنڌان هنڌان باڊي ڀڳل هُجي۔

    خير هي ايرر ته اهڙو هو جيڪو نئين ورشن ۾ به آهي۔ پر کوڙ اهڙا مسئال هوندا جيڪي 18 ۾ ايندا۔

    انهي P لاءِ آرٽيڪل جو آئين 6 ڳوليو وڏا۔ عربي وارن کان پُڇو۔ انهن کي اها P تنگ ڪري ٿي يا نه۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه سائين واه
    تمام زبردست
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪروم جو ارڙهون ورجن ڪري بيهون ٿا ته ٻئي ڏينهن پاڻ ئي پاڻ اپڊيٽ ٿيو وڃي ۔۔۔۔۔ ان جو جڳاڙ ته رشيد ٻڌايو هو، جي ها ان لاء اوهان هي طريقو استعمال ڪيو۔
    Start/All programs/Accessories/System Tools/ Sheduled Tasks
    [​IMG]

    هاڻي شيڊيول ٽاسڪ جي فولڊر مان گوگل اپڊيٽ جا جيڪي به فائل هجن، جيڪي گهڻو ڪري ٻه هوندا انهن کي ڊليٽ ڪيو۔۔۔۔۔

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيئن ته هي گوگل ڪروم جي هڪ ايرر بابت موضوع هو۔۔۔
    بهتر هو ته پنهنجي سمجهاڻي الڳ موضوع سان ڏيو ها۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو