نثارابڙو
نائب منتظم

ھَلندي ھوتَ پُنھونءَ ڏي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِـيُون؛
پَھَــــڻُ تنِين پَٽُ ٿئي، جي لءِ لالَڻ لُوٺِيُون؛
سَڀُ سَھيلِيون سِڪَ کي، چُنجُھون ۽ چُوٺِيون؛
ٻانڀَڻِ! ٿِيُ ٻُوٽِـيُــون، ته ڪُتا کِـيَنِئِي ڪيچَ جا.
سر معذوري
سنڌ جي سورهيه شهيدن کي سرخ سلام
سنڌ نوجوانن جي شهادتن تي آخر چيف جسٽس صاحب ڪڏهن نوٽيس وٺندا؟؟؟؟
ڪاله وري ٻه سنڌ جا ڳڀرو نوجوان اغوا ڪري ،سخت تشدد ڪري شهيد ڪيا ويا ،،
سجاد مرکنڊ ۽ عامر کهاوڙ جو قصور ڇا هئو،، هنن اهڙو ڪهڙو گناه ڪيو هو ، جو هنن جا اهڙي بي دردي سان گوليون لڳل لاش مليا آهن ،
محترم چيف جسٽس صاحب
اوهان ان کان پهريان به سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولهياڻي، نورالله تنيو وارن کي سر عام ساڙي شهيد ڪرڻ جو نوٽيس ئي نه ورتو،
اوهان مظفر ڀٽو ، جنهن کي لڳ ڀڳ 2 سالن کان رياستي قيد ۾ رکيو ويو هو،جنهن جون پٽيشنون اوهان جي سامهون به آيون هنيون، جنهن کي سر عام سعيد آباد ٽول پلازا تان سرڪاري ماڻهن کنيو هو ،، هنن جو لاش ملي ٿو سو به اهڙي خراب صورتحال ۾ ، پوء به اوهان ڪو نوٽيس نه ورتو،
اوهان ته سميع الله ڪلهوڙي جي شهادت جو به نوٽيس نه ورتو ،جنهن کي سرڪاري تحويل مان ان وقت ڇڏيو ويو جڏهن هن جي بچڻ جا امڪان ئي ڪونه هئا،
اوهان ته بشير خان جي ذهر ڏئي قتل ڪرڻ جو به نوٽيس نه ورتو ته اوهانجي ئي قانون موجب ايف آء آر ڪٽرائڻ هر ڪنهن جو قانوني حق آهي ، پوء بشير خان جي وارثن جي بيان مطابق ايف آء آر ڇو ڪونه ٿي ڪٽي وڃي،،،
اوهان ته ارشد پپو جهڙي گينگ وار جي سربراه جي قتل تي نوٽيس وٺو ٿا،اوهان ته شاهزيب قتل ڪيس تي نوٽيس وٺو ٿا،،،،
ته پوء منهنجي نماڻي گزارش آهي ته سنڌ جي نوجوانن سان ٿيندڙ اهڙن ظلمن جو به اوهان کي نوٽيس وٺڻ گهرجي،،،،،،