• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گيت

عدالجار پيرزادو

سينيئر رڪن
ساحل پيرزادو

ڏاڍا ڏکيا ڏينهن الا وو ڏاڍا ڏکيا ڏينهن،
ڪين وُٺا هن مينهن الا وو ڪين وٺا هن مينهن،
ڏاڍا ڏکيا ڏينهن....
جهُل، مريئڙو، پلر ۽ ڪارڙا ٿيندا ڪيئن الا وو، ڪارڙا ٿيندا ڪيئن
ڪين وُٺـا هن مينهن....
ٿرڙو منهنجو بر لڳي ٿو، ڦرڙا جيئندا ڪيئن الا وو، ڦرڙا جيئندا ڪيئن
ڪين وُٺا هن مينهن...
ماروئڙن جا منهنڙا ڀيلا سَرها ٿيندا ڪيئن الا وو، سرها ٿيندا ڪيئن!
ڪين وُٺا هن مينهن...
ساوڻ رُتَ جون مست بهارون، موٽي اينديون جيئن الا وو، موٽي اينديون جيئن،
سکيا ٿيندا ڏينهن الا وو، سکيا ٿيندا ڏينهن.
 
Back
Top