• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرھ جا پيغام

غريب گل

سينيئر رڪن
0 راڻا ! توکان وڌيڪ ته مان (مومل ) ، عورت ٿي ڪري توتي ڀروسو ڪيو ، ته تون ڪنهن ٻئي جو نه ٿو
ٿي سگهين ، پوءِ تو ڪيئنء سوچيو ته هي مومل ڪنهن ٻئي جي ٿيندي ، تنهنجي ٿيڻ کان پوءِ به۔
0 مينڌرا ! منهنجي پوتي اڄ به ايتري ئي پاڪ آهي ، جيتري توکان اڳي بي داغ هئي ۔
0 جي ايئن نه هجي ها ته ، تنهنجو دوست همير مون وٽان بي عزتو ٿي نه موٽي ها ۔
0 اي راڻا ! تنهنجي مومل جي نٿ ايتري به نيچ ناهي ، جو ڪنهن غير جا هٿ ان کي ڇهي سگهڻ جي
سگھ ساري سگهن ۔
0 اي بي اعتبار ! ڪاڪ لڄائيندي لڄ به نه آيئي ، اڄ ته ناتر اڳيان به منهنجو ڪنڌ هيٺ آهي تنهنجي ڪري ۔
0 راڻا ! ننگن جي نگهباني ۾ ته توکان سومرن جو ننڍڙو ننگر به بازي کڻي ويو ۽ پوءِ به تون مرد ٿو سڏائين
حيف اٿئي ۔
0 راڻا ! اهي سڀ لکئي جا ليک هئا ، نه ته ڪيترا ئي راڻا ڪاڪ ڪنڌيء تي رلندي رهجي ويا ۔
0 راڻا ! مومل کان منهن موڙي پڇتاء ته توکي به آهي ، پر رڳو هٺ ۽ وڏائي نه ٿو ڇڏين ، باقي جيء جي جهوري تووٽ ته مومل کان به موچاري آهي ۔
 
Back
Top