والد: ”پٽ مان چاهيان ٿو ته تنهنجي شادي پنهنجي پسند جي ڇوڪري سان ڪريان۔۔۔۔“ پٽ: ”پر بابا۔۔۔! مان نوجوان ۽ سمجهندار آهيان۔۔۔ مان پنهنجي پسند جي ڇوڪري سان شادي ڪندس۔۔” والد: ”پر پٽ۔۔! منهنجي پسند واري ڇوڪري بل گيٽس جي ڌيءُ آهي۔۔۔“ پٽ: ” واقعي۔۔۔! چڱو پوء ٺيڪ آهي ۔۔ مان راضي آهيان۔۔۔“ هاڻي والد بل گيٽس سان رابطو ڪري ٿو۔۔۔ والد: ”مون وٽ توهان جي ڌيءُ لاءِ هڪ نوجوان گهوٽ آهي۔۔۔“ بل گيٽس: ”پر منهنجي ڇوڪري ته اڃان بلڪل ننڍي آهي۔۔۔ هوءَ شادي جي قابل نه آهي۔۔۔“ والد: ” پر نوجوان ته ورلڊ بينڪ جو نائب صدر آهي۔۔۔۔“ بل گيٽس: ”واقعي ۔۔۔! چڱو پوء ٺيڪ آهي ۔۔۔۔ مان راضي آهيان۔۔۔“ ۽ آخرڪار والد ورلڊ بينڪ جي صدر سان ملي ٿو۔۔۔ والد: ”مون وٽ هڪ تعليم يافته ۽ عقلمند نوجوان آهي۔۔۔ جنهن کي توهان پنهنجو نائب صدر بڻائي سگهو ٿا۔۔۔“ صدر: ”پر مون وٽ ته اڳ ئي ڪافي نائب صدر آهن ۔۔۔۔ ۽ مون کي وڌيڪ نائب صدر جي ضرورت نه آهي۔۔۔“ والد: ”پر هي نوجوان بل گيٽس جو نياڻو آهي۔۔۔“ صدر: واقعي۔۔۔۔! چڱو پوء ٺيڪ آهي۔۔۔ مان راضي آهيان۔۔۔“ سبق: ان کي چئبو آهي ڪامياب ڪاروبار۔۔۔۔۔
جواب: پنهنجو ڪاروبار ڪامياب ڪئين ڪبو آهي۔۔؟ ادا اسد اهي ڪوڙ سڀ حقيقت بنجي ٿا وڃن ته پوء ته ان کي حرفت چئبو۔
جواب: پنهنجو ڪاروبار ڪامياب ڪئين ڪبو آهي۔۔؟ ادا ڀلا پوءِ جي اها ڳالهه آهي ته اسان به ڪاروبار شروع ڪيو آهه ... آهي ڪو اسان کي سکيا ڏيڻ وارو۔؟؟؟۔
جواب: پنهنجو ڪاروبار ڪامياب ڪئين ڪبو آهي۔۔؟ ها ها ها ۔ هل چري ڳالهه ته رڳي بل گيٽس جي پئي ٿئي ۔ منهنجي خيال ۾ بل گيٽ اهو ئي مائڪرو سافٽ جو مالڪ آهي پر ان کانسواء هن جي ڪهڙي خوبي آهي جو سڀ ڪو هن کي چاهي ٿو ۔ ڇا هو دولتمند به آهي؟
جواب: پنهنجو ڪاروبار ڪامياب ڪئين ڪبو آهي۔۔؟ ادا سروي مطابق بل گيٽس ڪيترن سالن تائين دنيا جو سڀ کان امير ترين ماڻهو ٿي رهيو آهي۔