• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجو ڪاروبار ڪامياب ڪئين ڪبو آهي۔۔؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
والد: ”پٽ مان چاهيان ٿو ته تنهنجي شادي پنهنجي پسند جي ڇوڪري سان ڪريان۔۔۔۔“
پٽ: ”پر بابا۔۔۔! مان نوجوان ۽ سمجهندار آهيان۔۔۔ مان پنهنجي پسند جي ڇوڪري سان شادي ڪندس۔۔”
والد: ”پر پٽ۔۔! منهنجي پسند واري ڇوڪري بل گيٽس جي ڌيءُ آهي۔۔۔“
پٽ: ” واقعي۔۔۔! چڱو پوء ٺيڪ آهي ۔۔ مان راضي آهيان۔۔۔“

هاڻي والد بل گيٽس سان رابطو ڪري ٿو۔۔۔

والد: ”مون وٽ توهان جي ڌيءُ لاءِ هڪ نوجوان گهوٽ آهي۔۔۔“
بل گيٽس: ”پر منهنجي ڇوڪري ته اڃان بلڪل ننڍي آهي۔۔۔ هوءَ شادي جي قابل نه آهي۔۔۔“
والد: ” پر نوجوان ته ورلڊ بينڪ جو نائب صدر آهي۔۔۔۔“
بل گيٽس: ”واقعي ۔۔۔! چڱو پوء ٺيڪ آهي ۔۔۔۔ مان راضي آهيان۔۔۔“

۽ آخرڪار والد ورلڊ بينڪ جي صدر سان ملي ٿو۔۔۔

والد: ”مون وٽ هڪ تعليم يافته ۽ عقلمند نوجوان آهي۔۔۔ جنهن کي توهان پنهنجو نائب صدر بڻائي سگهو ٿا۔۔۔“
صدر: ”پر مون وٽ ته اڳ ئي ڪافي نائب صدر آهن ۔۔۔۔ ۽ مون کي وڌيڪ نائب صدر جي ضرورت نه آهي۔۔۔“
والد: ”پر هي نوجوان بل گيٽس جو نياڻو آهي۔۔۔“
صدر: واقعي۔۔۔۔! چڱو پوء ٺيڪ آهي۔۔۔ مان راضي آهيان۔۔۔“

سبق: ان کي چئبو آهي ڪامياب ڪاروبار۔۔۔۔۔
 
جواب: پنهنجو ڪاروبار ڪامياب ڪئين ڪبو آهي۔۔؟

سائين مطلب ته ڪامياب ڪاروبار لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ شرط آهي۔۔۔
 
جواب: پنهنجو ڪاروبار ڪامياب ڪئين ڪبو آهي۔۔؟

ادا اسد اهي ڪوڙ سڀ حقيقت بنجي ٿا وڃن ته پوء ته ان کي حرفت چئبو۔
 
جواب: پنهنجو ڪاروبار ڪامياب ڪئين ڪبو آهي۔۔؟

ادا اسد اهي ڪوڙ سڀ حقيقت بنجي ٿا وڃن ته پوء ته ان کي حرفت چئبو۔

ادا ڀلا پوءِ جي اها ڳالهه آهي ته اسان به ڪاروبار شروع ڪيو آهه ... آهي ڪو اسان کي سکيا ڏيڻ وارو۔؟؟؟۔
 
جواب: پنهنجو ڪاروبار ڪامياب ڪئين ڪبو آهي۔۔؟

ها ها ها ۔
هل چري ڳالهه ته رڳي بل گيٽس جي پئي ٿئي ۔ منهنجي خيال ۾ بل گيٽ اهو ئي مائڪرو سافٽ جو مالڪ آهي پر ان کانسواء هن جي ڪهڙي خوبي آهي جو سڀ ڪو هن کي چاهي ٿو ۔ ڇا هو دولتمند به آهي؟
 
ادا سروي مطابق بل گيٽس ڪيترن سالن تائين دنيا جو سڀ کان امير ترين ماڻهو ٿي رهيو آهي۔
 
Back
Top