سنڌ سلامت اپڊيشن..

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2013۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت فورم کي نئين سافٽويئر زين فورو تي منتقل ڪندي تقريبن هڪ سال پورو ٿي چڪو آهي۔۔۔ نئين سافٽويئر تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ فورم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جو ڪوششون جاري آهن۔۔ بهتري جي ڪوشش کي اڳتي وڌائيندي سنڌ سلامت فورم کي زين فورو جي ليٽيسٽ ورشن 4۔1۔1 تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ۔۔ جنهن جو اعلان ناچيز سنڌ سلامت سالگره تي پڻ سنگت آڏو پيش ڪيو هو۔۔ دوستن کي ٻڌائيندو هلجي ته ڪنهن به اسڪرپٽ جي اپڊيشن ان لاءِ به ضروري هوندي آهي ته جديد ٽيڪنالاجين جي نت نين سهولتن سان اسڪرپٽ کي ڪمپيٽيبل بڻائيندي عام رڪنن کي وڌيڪ فائدا ڏئي سگهجن۔۔
    جيئن ته سنڌ سلامت زين فورو اسڪرپٽ تي واحد سنڌي سائيٽ آهي ان ڪري زين فورو جي محدود سپورٽ کي سامهون رکندي اپڊيٽ جي سموري پروسيس کي پهريان تجربي هيٺ گذاريو ويندو آهي۔۔ ان سلسلي ۾سنڌ سلامت کي زين فورو جي ليٽيسٽ ورشن تي منتقل ڪرڻ جو تجربو ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪو آهي۔۔ تجربي دوران ايندڙ سمورن مسئلن کي فڪس ڪيو ويو آهي۔۔۔ ان ڪري هاڻي وقت آهي عملي طور موجوده سنڌ سلامت اسڪرپٽ کي اپڊيٽ ڪرڻ جو ته جيئن وڌيڪ بهتري آڻيندي ضروري تبديليون عمل ۾ آنديون وڃن جيئن اسڪرپٽ ۾ مختلف ايڊآن انسٽال ڪري سگهجن۔۔۔

    اهو عملي تجربو سڀاڻي 4 ۽ 5 مئي جي رات ڪهڙي به وقت ڪيو ويندو۔۔۔ ڪوشش رهندي ته ان اپڊيٽنگ جو وقت مختصر هجي۔۔۔ پر ان باوجود دوستن کي گذارش آهي ته سنڌ سلامت تي مواد موڪليندي ان جو عارضي بيڪ اپ پاڻ وٽ محفوظ رکن۔۔۔
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اها خبر پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي۔ بيشڪ سنڌ سلامت جي ترقي لا ڏينهن رات محنت جي ضرورت آهي۔ الله پاڪ اوهان کي اڃا به وڌيڪ همت ۽ حوصلوعطا ڪري۔۔ اسان جون دعائون توهان سان گڏ آهن۔۔۔قدم وڌائيندا رهو۔۔ساٿ هميشه قائم رهندو۔۔۔:)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نيڪي اور پوڇ پوڇ ۔۔۔ بسم الله

    زين فورو جي نئين ورجن تي سنڌ سلامت جي ڀليڪار ڪبي ۔۔۔ وڌي واڙي لڳي ڀاڳ ۔۔۔

    لک قرب ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن سان انتهائي معزرت۔۔۔ اچانڪ ڪجهه آفيشل ڪمن جي اچڻ ڪري فورم جي اپڊيشن کي 20 ڪلاڪن لاءِ پوسٽپانڊ ڪيو پيو وڃي۔۔۔
    اميد ته ساٿي هن اهم ۽ حساس ڪم ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي اڪيلائپ نه ملڻ ڪري ۔۔ هن پوسٽپانڊ جي عمل کي نظر انداز ۽ پنهنجي سهڪار کي جاري رکندا۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اُميد ته اهو قدم بهتري لاءِ کنيل وڏن قدمن مان هڪ هوندو۔ نئين ورجن تي وڌيڪ شيون سامهون اينديون ۽ يقينن مُفيد هونديون جيڪي هن مهل ضرورت لڳن ٿيون پيون۔
    اڄ اهو ڪم ليٽ نائيٽ ۾ لڳي ٿو ٿي ئي ويندو۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين اميد ته هي قدم اڃآ به سٺي بهتري آڻيندو ادا
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فورم کي ڪاميابي سان زين فورو جي ورشن 2۔1۔1 کان 4۔1۔1 تي اپگريڊ ڪيو ويو آهي۔۔ اپگريڊيشن جو هي عمل توڙي جو تڪڙو ۽ اڳ ئي ريهرسل شده هيو پر پوءِ به هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وٺي چڪو۔۔۔ ان دورن ڪجهه معمولي مسئلا آيا جن کي پڻ ڪاميابي سان فڪس ڪيو ويو۔۔۔
    جيڪي دوست فورم اسڪرپٽس کان وڌيڪ واقفڪار نه آهن۔۔۔ انهن کي ٿي سگهي ٿو ڪو خاص فرق محسوس نه ٿئي پر دوستن کي ٻڌائيندو هلجي ته اپگريڊيشن کان ڪافي نون آپشنس جو اضافو ٿي چڪو آهي۔۔۔ ۽ سڀ کان اهم فورم جي سيڪورٽي پهريان کان وڌيڪ بهتر ٿي آهي۔۔ ان کان علاوه سپيمنگ کي روڪڻ جا به چڱا اپاء شامل ڪيا ويا آهن۔۔
    اپگريڊيشن کان پوءِ مڪمل تبديلين جو 80 سيڪڙو انتظامي اختيارن جا اضافا ۽ درستگيون آهن۔۔ جڏهن ته 20 سيڪڙو فورم جي نماء، خوبصورتي ۽ رڪنن جي سهولتن جو تبديليون آهن۔۔ جيڪي اڳتي هلي سموري ساٿ کي ٻڌائينديون رهبيون۔۔
    ان هوندي به جو فورم جي اپگريڊيشن کان پوءِ گذريل موڊيفڪيشنس کي نظر مان گذاريو ويو آهي۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن ساٿي کي ڪاٿي ڪا خامي، غلطي، چڪ يا ايرر نظر مان گذري ته نشاندهي ڪري۔۔ انشاء الله ان کي درست ڪيو ويندو۔۔۔
    فورم جي بنيادي اسڪرپٽ کي اپگريڊ ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي فورم تي انهن اضافي موڊيفڪيشنس کي عمل ۾ آندو ويندو جيڪي پراڻي ورشن تي ڪمپيٽيبلٽي ڪري انسٽاليشن دوران ايررس پيدا ڪري رهيون هيون۔۔ اهڙين تبديلين لاءِ سنڌ سلامت سکيا ۾ ٻڌايو ويندو۔۔۔ ان ڪري موضوع پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ بند ڪجي ٿو۔۔۔

    والسلام
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو