حضرت انسان جي شروع کان ڪوشش رهي آهي ته هو انفرادي طور پکين وانگين ڌرتي تي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي اڏرندو رهي۔۔ ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي انسان جي ان خواب کي حقيقت بڻائي ڇڏيو آهي۔۔ ڇو ته جرمني جي سائنسدانن پهريون دفعو اهڙي جاڪيٽ سوٽ تيار ڪري ورتو آهي جنهن کي پائي زمين تان اڏرڻ ممڪن بڻجي چڪو آهي۔۔ فرٽز ۽ نگراور ۽ انهن ٻنهي جي دوستن پنهنجي هن ايجاد کي پائي اڏرڻ جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو آهي۔۔ ٽيم جو چوڻ آهي ته هن جيٽ پيڪ جي ذريعي ماڻهون 200 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان 26 هزار فٽ جي اوچائي تي اڏري سگهي ٿو۔۔۔ ٻنهي دوستن پاران اسڪائي فليش جو نالو ڏنل هن ڊيوائيس کي پکين خاص طور ٻگهن کي اڏرندي ڏسي ڊيزائين ڪيو ويو آهي۔۔۔ ڇو ته پکي هر قسم جي هوا ۽ ماحول ۾ اڏرڻ جي سگهه رکي سگهن ٿا۔۔۔ فرٽز جو چوڻ آهي ته اسان جو خواب آهي ته ماڻهون جهڙن ۾ پنهنجي جسم کي گڏ کڻي اڏري سگهن ۽ ان آزادي جو مزو ماڻن۔۔۔ هن پروجيڪٽ جو وڌيڪ تصويرون ۽ تفصيل ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔