• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي انسان به اڏرندا پکين وانگين

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
skyflash.jpg
حضرت انسان جي شروع کان ڪوشش رهي آهي ته هو انفرادي طور پکين وانگين ڌرتي تي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي اڏرندو رهي۔۔ ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي انسان جي ان خواب کي حقيقت بڻائي ڇڏيو آهي۔۔ ڇو ته جرمني جي سائنسدانن پهريون دفعو اهڙي جاڪيٽ سوٽ تيار ڪري ورتو آهي جنهن کي پائي زمين تان اڏرڻ ممڪن بڻجي چڪو آهي۔۔
فرٽز ۽ نگراور ۽ انهن ٻنهي جي دوستن پنهنجي هن ايجاد کي پائي اڏرڻ جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو آهي۔۔

skyflash-62.jpg

ٽيم جو چوڻ آهي ته هن جيٽ پيڪ جي ذريعي ماڻهون 200 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان 26 هزار فٽ جي اوچائي تي اڏري سگهي ٿو۔۔۔
ٻنهي دوستن پاران اسڪائي فليش جو نالو ڏنل هن ڊيوائيس کي پکين خاص طور ٻگهن کي اڏرندي ڏسي ڊيزائين ڪيو ويو آهي۔۔۔ ڇو ته پکي هر قسم جي هوا ۽ ماحول ۾ اڏرڻ جي سگهه رکي سگهن ٿا۔۔۔

skyflash-73.png

فرٽز جو چوڻ آهي ته اسان جو خواب آهي ته ماڻهون جهڙن ۾ پنهنجي جسم کي گڏ کڻي اڏري سگهن ۽ ان آزادي جو مزو ماڻن۔۔۔
هن پروجيڪٽ جو وڌيڪ تصويرون ۽ تفصيل ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
 
Back
Top