اليڪشن ڪميشن پاران ووٽ نمبر ۽ پولنگ اسٽيشن ڏسڻ لاء اي پرچِي جو آغاز

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
947105_10200929827306146_1012117109_n.jpg

اليڪشن ڪميشن پاران اڄ کان ووٽ نمبر ۽ پولنگ اسٽيشن ڏسڻ لاء اي پرچِي جو آغاز ٿي چڪو آهي۔ هاڻي گهر ويٺي پنهنجي ووٽ نمبر (سلسلي نمبر) سان گڏ بلاڪ ڪوڊ، پولنگ اسٽيشن ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ بابت اوهان کي اطلاع ڏنو ويندو۔

پنهنجي موبائل تان ميسيج ۾ وڃي نئين ميسيج ۾ پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر (بغير هيش ڏيڻ جي) لکو ۽ 8300 تي موڪليو۔ اوهان کي فوري طور اي سي پي ECP پاران جوابي ميسيج ملندو جنهن ۾ اوهان جو شناختي ڪارڊ نمبر، ووٽ يا سلسلو نمبر، بلاڪ ڪوڊ، قومي اسيمبلي جي تڪ ۽ پولنگ اسٽيشن بابت آگاهي ڏني ويندي۔

ياد رهي ته ٿي سگهي ٿو ته اليڪشن واري ڏينهن ڪجهه علائقن ۾ موبائل سروس بند ڪئي وڃي، تنهنڪري پنهنجي ۽ پنهنجي گهروارن جا ووٽ نمبر ۽ تفصيل ان کان پهريان ئي چيڪ ڪري پاڻ وٽ لکي وٺو۔

هر ميسيج تي ٻه روپيه ۽ ٽيڪس ڪٽوتي ٿيندي ۔۔۔
 
Back
Top