نثارناز
سينيئر رڪن
هند ۾ رهندڙ بهترين سنڌي فنڪاره ڪوشي لالواڻي جي نانءُ
ڀيڻ ڪوشي لالواڻي پنهنجي منفرد شاعري ۽ منفرد گائيڪي جي ڪري هاڻي هند ۽ سنڌ جي هر سنڌي جي دل جو آواز ٿي وئي آهي،ڪافي عرصو پهرين جڏهن سندس پروڊڪشن جي سهڪار سان سندس ڳايل سنڌي ٻارڙن خاص ڪري سنڌي ننڍڙن شاگردن جي نظمن جي سي ڊي مارڪيٽ ۾ آئي هُئي ته هند ۽ سنڌ جي سمورن سنڌي اسڪولن ۾ ڌوم مچي وئي هُئي.......تازو سندس پروڊڪشن جي ...زير اهتمام هڪ انگلش فلمآئي جنهن ۾ سندس ڳايل گيت جنهن ۾ جاڳ سنڌي جاڳ ناهي ويل سمهڻ جي ڀاءُ ، سنڌ مشهور شاعر مرحوم تاجل بيوس جي وائي موٽي ملنداسين جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، ان کان علاوه شادي وارا گيت سس مُڪيو سوڻ ، ڪونجڙي او ڪونجڙي تون ڪٿان آئين ڪونجڙي ڳائي ۽ ٻيا به ان فلم ۾ خوبصورت سنڌي گيت تخليق ۽ ڳائي ساري دنيا جي سنڌين ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو جاڳائي ڇڏيو، اڄ انهي هند ۾ رهندڙ سنڌي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي کي چند لفظن جي ڀيٽا وائي جي صورت ۾ ڏني اٿم، مونکي ڪانهي خبر ته اها وائي مون ڪيئن لکي آهي، ڪو اندر ۾ آيو ۽ اها وائي لکائي ويو..... خير انهي دُعا سان ته ڀيڻ ڪوشي لالواڻي سدائين سُر وکيريندي رهي ۽ شال سلامت رهي جُڳن جُڳن تائين
