لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟ نهاري ۽ نظرن کي ڦيري ڇڏيئي ٻنهي جي انهيء ۾ چڱائي هئي۔ هئا وار، چَپ، ڳل سڀ هڪ طرف طرف ٻئي غزل گيت وائي هئي۔ تنوير عباسي
ادا اسان طرفان به ڪجھ شعرڪير چوي ٿو ناهن چانور ڪير چوي ٿو ناهي کنڊڏند پرين جا سڳداسي مرڪي ٿو ته ٻرڪي کنڊ ڀلي مون کان سڀ موڪلائي ڇڏيورکو ”ياد“ باقي ڀُلائي ڇڏيوبخاري جون سوچون سنڀالي رکجومٽي سان مٽي ملائي ڇڏيو 2601 اٽيچمينٽ ڏسو
ڪا ڪوڪ ڏڪيا ڪنگرا،ڪا دانهن ڳليون جاڳيون، ڪي گيت ڳجي گذريا، محلات کان، منهن کان۔ مجنون جو پربت کان ،فرهاد جو ٽڪرن کان، (استاد) جو جهد پڇو، هن ڀون جي ڀونگن کان
اڌورو اُڃاڻو اڳئي ھئس مان، رھيل ھوش منھنجو اُڏاري ڇڏيائين، الائي ته ڪاڏي ويس پئي بخاري، اجايو نھاري بيھاري ڇڏيائين.