موتئي جي گُل جهڙي ڇوڪري ،لفظ هُن جا خشبو جيان ،مُرڪ هُن جي رِدم جيان ، موتئي جي گُل جهڙي ڇوڪري ، اک هُن جي ڄڻ ڪوئي غزل ،وار ڪي گهريون گهٽائون ،چپ ڄڻ ڪي پنکڙيون ، موتئي جي گُل جهڙي ڇوڪري ،
موتئي جي گُل جهڙي ڇوڪري ، سهڻي شاعري ۽ لفظن جو سٽاء به وڻيو ۔۔۔۔ مونکي رضوان گُل جي شاعري ياد اچي وئي اسان کي هئي سا وڻي ڇوڪري جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري
ابول ۔۔۔ لڳي ٿو ته شاعري پڙهڻ کان توبهه ڪرڻي پوندي ۔۔۔ الائجي ڪيئن دل کي سمجهائي اڃان ٿڌو ٿا ڪريون ته وري شاعرن جا گيت دل جي ڌڙڪن کي ائين وڌايو ڇڏين جيئن ڊرائيور پئٽرول جي ليور تي زور سان پير رکي ڇڏيندو هجي ۔۔۔ اصل دونهان نڪريو وڃن ۔۔ توبهه بهه ۔۔۔ هڪ ته سهڻي پارس جو گيت مٿان وري سليمان وساڻ جو ونڊ ڪيل رضوان گل جو گيت ۔۔۔ الامان
سائين اها شاعري ته هوندي آهي جيڪا پوڙهو ٿيڻ ئي نه ڏيندي آهي، اهڙي شاعري پڙهي زندگي جي هر ساعت ۾ اهو ئي احساس جاڳندو رهندو آهي ته جهڙو ڪر ڪلهه کان پهريون پيار ٿي ويو هجي۔۔۔۔۽ پهرين پيار جي سهڻي احساس کي ڪٻٽ ۾ رکيل پراڻي سال جي ڊائري تي پهريون سٽون سرجيون هجن۔۔۔
ٽهڪ جي تون منهنجي لڙڪن کي نٿو سمجهي سگهينتـ پوءَ توکي منهنجاٽهڪ ڪيئن ٿا وڻن.............
ابا! لفظ سوال به آهن ۽ لفظ ئي جواب به آهن بس ڳالهه سمجهڻ جي آهي۔۔۔هي چند سٽون منهنجي مرحوم ڌي لا آهن جيڪي مٿي لکيل آهن۔۔۔۔۔۔موتئي جي گُل جهڙي ڇوڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جي اگر توهان کي سمجهه ۾ نه اچي ته زندگي ڇا آهي ته ڪوشش ڪري ان انسان کي ضرور ڏسجو جنهن سموري عمر سورن ۾ گذاري پر چهري ته هر پل مرڪ هوندي اٿس نرڙ تي ڪوبه گهنڊ نه هوندو اٿس فقط اِن ڪري ته هو ٻين کي درد نه ڏيڻ چاهيندو آهي ۔۔۔اها آهي زندگي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڏکَ سُکن جي سونهن، نه ته گھوريا سُکَ ڏکنَ ري سڀني جا رايا پنهنجي جاءِ تي، مرشد ڀٽ ڌڻي جو فرمان به گڏوگڏ۔