نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! ڪنهن شاعر چيو هو ته شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساخته اڌمو آهي ... سو هڪ بي ساخته اڌمو آيو ۽ مون هي گيت لکيو ... وزن ۽ بحر جي ماپن کان قطع تعلق ٿي لکيو آهي ... جيتوڻيڪ وزن ۽ بحر شعر جو لباس هوندا آهن انهن کان بنا شعر جي سونهن نه بيهندي آهي ... پر جيئن ته اسانجو دوست ناز سائين آهي مصروف نه ته وزن بحر ضرور پورا ڪري ها ...
آئي رت بهارن جي

آئي رت بهارن جي، آئي رت ملڻ جي،
ڏس! وريو اڄ وري، واءُ سڻائو آ ....
باغ رستن تي، آهن وڇايا گل مون،
ملڻ پو به پنهنجو، ٿيو اڻائو آ .....
عشق جون منزلون، مسافتون ٿيون ڏور،
وچ راه تي ڪنهن، ڪاڪ محل بڻايو آ ...
اکيون يا ڳالهيون، ناز يا انداز يا سونهن سوائي،
سبب موت جو مون، ڪهڙو ڳڻايو آ ...
اکين ۾ سوڀ جا موتي، ويڙهي ڪارو ويس،
پرينءَ پاڻ اچي، نثارِ عشق جو مڙهه کڻايو آ ...
آئي رت بهارن جي

آئي رت بهارن جي، آئي رت ملڻ جي،
ڏس! وريو اڄ وري، واءُ سڻائو آ ....
باغ رستن تي، آهن وڇايا گل مون،
ملڻ پو به پنهنجو، ٿيو اڻائو آ .....
عشق جون منزلون، مسافتون ٿيون ڏور،
وچ راه تي ڪنهن، ڪاڪ محل بڻايو آ ...
اکيون يا ڳالهيون، ناز يا انداز يا سونهن سوائي،
سبب موت جو مون، ڪهڙو ڳڻايو آ ...
اکين ۾ سوڀ جا موتي، ويڙهي ڪارو ويس،
پرينءَ پاڻ اچي، نثارِ عشق جو مڙهه کڻايو آ ...