آئي رت بهارن جي

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستو! ڪنهن شاعر چيو هو ته شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساخته اڌمو آهي ... سو هڪ بي ساخته اڌمو آيو ۽ مون هي گيت لکيو ... وزن ۽ بحر جي ماپن کان قطع تعلق ٿي لکيو آهي ... جيتوڻيڪ وزن ۽ بحر شعر جو لباس هوندا آهن انهن کان بنا شعر جي سونهن نه بيهندي آهي ... پر جيئن ته اسانجو دوست ناز سائين آهي مصروف نه ته وزن بحر ضرور پورا ڪري ها ...

    آئي رت بهارن جي
    [​IMG]

    آئي رت بهارن جي، آئي رت ملڻ جي،
    ڏس! وريو اڄ وري، واءُ سڻائو آ ....

    باغ رستن تي، آهن وڇايا گل مون،
    ملڻ پو به پنهنجو، ٿيو اڻائو آ .....

    عشق جون منزلون، مسافتون ٿيون ڏور،
    وچ راه تي ڪنهن، ڪاڪ محل بڻايو آ ...

    اکيون يا ڳالهيون، ناز يا انداز يا سونهن سوائي،
    سبب موت جو مون، ڪهڙو ڳڻايو آ ...

    اکين ۾ سوڀ جا موتي، ويڙهي ڪارو ويس،
    پرينءَ پاڻ اچي، نثارِ عشق جو مڙهه کڻايو آ ...
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: آئي رت بهارن جي

    سائين قبلا نظم کان پوء تصوير جو انتخاب آهي يا تصوير کي ڏسي نظم چوڻ ضروري ٿي ويو بهرحال نظم جو ۽ تصوير جو باهم ربط خوبصورت آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آئي رت بهارن جي

    مٺڙا سائين، محترم ادا، ڳالهه نه ڪبي ته اڳ۾ اهو ڦوٽو آهي يا اڳ۾ لفظ ... پر چوندا آهن ته مصوري به ادب جو هڪ بي بها حصو آهي ... سو ان مصور تي به شايد اهي جذبا طاري هجن جي منهنجي مٿان چرائپ ۾ طاري ٿيندا آهن ... ڪجه ايئن ئي ڳالهه ٻنهي جي ٺهڪي آئي آهي ...

    shal judy hujeen
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آئي رت بهارن جي

    پيارا نثار ابڙا شال جُڙيو هُجين۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان سچ چيو ته ناز کي واندڪائي بلڪل ڪانهي پر ناز ايترو به مصروف ڪونهي جو سنگت جا سڏ ورنائي نه سگهي، مٺا تنهنجو هي هزل پاڻ وٽ محفوظ(سيو) ڪري ڇڏيو اٿم يقين ڄاڻ مان هن کي وزن بحر وارو لبادو ضرور پهرائڻ جي ڪوشش ڪندس، تون حيران ٿيو هوندين ته مان لفظ هزل ڇو لکيو آهي، پيارا اسان استادن کان ٻُڌو آهي ته جيڪو غزل مطلع مطلب ٿلهه (مُنڊ) کان هم ڪافيا نه هُجي ان کي هزل ڪوٺيو ويندو آهي، تنهنجو هي غزل مطلع جي لحاظ کان ٻنهي سِٽن کان هم ڪافيو ڪونهي ان ڪري مون غزل جي جاءِ تي هزل لکيو آهي، باقي رهي ڊيزائن جي ڳالهه ته توهان جي ڊيزائن ته تمام شاندار آهي پر ان ڊيزائن تي ڪيل سنڌي ڪمپوزنگ تمام ماٺي آهي، ڪافي سارا لفظ پڙهڻ ئي نٿا اچن۔۔۔۔۔۔۔۔ساڍا ٽي پلس نظر وارو چشمو پاتو اٿم تڏهن به ان ڊيزائن ۾ لفظ مسين مسين پڙهي سگهيو آهيان۔۔۔۔۔۔۔ اهو صرف ان ڪري ٿيو آهي ته توهان واري تصوير جو گهڻي ڀاڱي رنگ نيرو يا سائو آهي ۽ مٿان توهان وري ان ۾ ڊيزائننگ سنڌي ڪمپوزنگ واري پڻ ساڳي سائي رنگ ۾ ڪئي آهي۔ ان ڪري ڪمپوزنگ وارا لفظ اُڀري نه سگهيا آهن، خير مان ڪوشش ڪري ساڳي تصويري ڊيزائن هٿ ڪري توهان جي اها ساڳوڻي شاعري چِٽَ ڪري توهان کي ضرور ارپيندس۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سدا خوش هُجين پنهنجي پيارن سان ۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آئي رت بهارن جي

    مهرباني دوست، هزل کي غزل ٺاهڻ جي ۔۔۔ پاڻ شاعر ته آهيون ڪونه ۽ جڏهن توهان نه هوندا آهيو ته شاعري وارو ڌاڳو، ڄڻ ته آس جون اکيون کڻي ڏسندو رهندو آهي، سو مڙئي چريائپ جو دورو چڙهيو ۽ هزل ذريع باهه جهڪي ڪئيسون ۔۔۔باقي تصوير مون وٽ آهي جا اوهانکي ميل ڪندس ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو