• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اليڪشن ڪميشن جا ڪارنامه ۽ ڌانڌليءَ جا اکين ڏٺا داستان...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڳ رڳو ٻڌبو هو ته ڌانڌلي ڪئي وئي آهي۔۔ پر ملڪ هاڻي ترقي جي ڏاڪن تي آهن ان ڪري ڳالهه ٻڌڻ کان اڳتي وڌي ڏسڻ تي اچي پهتي آهي۔۔۔ اڃان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جا ڪرتوت ئي مٿو پڪڙڻ جهڙا هئا ته وري سيڪيورٽي ادارن جي خاموشين سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو ته هتي ائين ئي ٿيندو آهي۔۔۔

هي آهي اسلامي جهموري پاڪستان جي اليڪشن 2013​
 
اهو ته طئي آهي ته هينئر حيدرآباد ۽ ڪراچي جا نتيجا 100 سيڪڙا ڪوڙا آهن، ان ڪري اتي هر حال ۾ ٻيهر پولنگ ڪرائي وڃي نه ته اليڪشن ڪميشن جي ڪردار تي آڱريون ضرور کڄنديون۔۔۔
اليڪشن ڪميشن پاڻ مڃي چڪي آهي ته ڪراچي جي باري ۾ وڌ کان وڌ شڪايتون ۽ شاهديون مليون آهن
 
صبح اٺين بجي پولنگ اسٽيشن گورنمينٽ گرلز اسڪول سچل ڳوٺ ووٽ ڏيڻ لاء پهتس. خبر پئي ته نه سامان آيو آهي ۽ نه ئي عملو. ساڍي ڏيهن بجي خبر پئي ته عملو پهتو آهي. گهڻي رش هجڻ سبب ٻارهين بجي مرتضى ۽ حفيظ لغاري سان گڏ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاء ويس .... پر لائين ڊگهي هجڻ ۽ گهٽ عملو هجڻ سبب واپس آياسين ۽ ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيس. سوچيم ته شام جو چئين بجي ويندس .... هيئنر جماعت اسلامي جي بائيڪاٽ سبب سچل ڳوٺ جي مين روڊ تي ڌرڻو آهي ۽ پولنگ جو عمل به رڪجي ويو آهي ....

هوڏانهن نيو گرامر سڪول سچل ڳوٺ ۾ قائم ڪيل پولنگ اسٽيشن تي نه ته عملو موجود آهي ۽ نه ئي اليڪشن جو سامان پهتو هيو، ڏيڍ بجي کانپوء عملو پهتو آهي ....

_________
 
922977_580115468676956_483138233_n.jpg

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچي ۾ متحده، پيپلز پارٽي، اي اين پي، نواز ليگ ۽ جماعتِ اسلامي سڀني الڳ الڳ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ سڀني چيو ته ڌانڌلي پئي ٿئي۔۔۔ جيڪڏهن اهي سڀ مظلوم آهن ته ڌانڌلي ڪير پيو ڪري۔۔ ڇا ڪا آسماني مخلوق آهي۔۔۔؟؟؟
 
Back
Top