اڄوڪو ڏينهن 12 مئي تاريخ جي دريءَ مان

'مئي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 12 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    12 مئي 1801ع اڳوڻي حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12 مئي 1862ع شاعر مرزا دوست محمد بيگ دوست (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1904ع شاعر ۽ اديب آخوند محمد حسن مسڪين جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1928ع شاعر گل حسن بيڪس (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1932ع شاعر ۽ چترڪار بال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج (مٺي / جيپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1944ع قومپرست شاعر، سياسي ڪارڪن، راڳي ۽ اداڪار جمن دربدر جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1947ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مزاحيه ليکڪ علامه مستانو ابڙو سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1955ع اداڪاره نينا آسودواڻي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12 مئي 1956ع پاڪستاني ڪرڪيٽ امپائر اسد رئوف جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1958ع ليکڪ ٻلديو گهنشياڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1962ع ليکڪ غلام شبير سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1967ع ليکڪا گوري ولڀ (مٺي) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1985ع ليکڪ اياز ڀٽو (مبارڪپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1980ع گلوڪاره امبر مهڪ جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    12 مئي 1801ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير فتح علي ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
    12 مئي 1962ع شاعر خدا بخش خادم (ميهڙ) جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 1972ع شاعر فقير سيرت علي ڪورائي جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 1990ع شاعر افضل قادري جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 1991ع شاگرد اڳواڻ احسان گوپانگ جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 1991ع شاعر زيب عاقلي (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 2011ع گهڙي نواز مٺا خان زرداري جو انتقال ٿيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 12 مئي جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
    _______
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو