هتي مان اُهي سوال پيش ڪندس جن کي انگريزي زبان ۾ انٽيليجنٽ ڪُسچنس چيو ويندو آهي ۽ اسان جي مٺڙي ٻولي ۾ هاضر دماغي سوالَ۔۔۔۔۔۔ڪرڻو ائين آهي ته مان هر هفتي هڪ سوال هن تحرير ۾ لکندس اوهان اُن جو جواب ڏيندا۔۔۔۔۔جنهن جو جواب صحيح هوندو اُن کي منهنجي طرف کان پسنديدگي جو هڪ ايوارڊ ملندو۔۔۔ ائين اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو به ٿيندو ۽ اگر ڪاٿي دوستن جي ڪچهري ۾ به ويهنداسين ۽ اِهي سوال ايندا ته واهه واهه ٿي ويندي ۔ ۔خراب گفتگو کان بهتر آهي ته سٺيون ڳالهيون شيئر ڪيون وڃن ۔۔ ۔ ۔ اڄ جو سوال ۔ ۔ ۔ ۔ سوال: توهان وٽ ماچيس جي ڊٻي ۾ صِرف هڪ تيلي آهي، توهان هِڪ اهڙي ڪمري ۾ داخل ٿيو ٿا، جتي بلڪل اونداهي آهي توهان کي هِڪ لالٽين ،هڪ تيل سان ڀريل چُلهو ۽ هڪ گيس جو چلهو ٻارڻو آهي، ٻڌايو توهان سڀ کان پهرين ڪنهن کي ٻاريندا؟ سليمان وساڻ ذيشان رشيد نثارابڙو چاچو چڀڙ خان ڦلپوٽو فقير مست عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم گل حسن لاکو
سوال : ٻڌايو ڪهڙي شي سڀني کان وڌيڪ باريڪ يا وزنائتي هوندي 1۔هِڪ ليٽر رت جو 2۔ هڪ ليٽر کير جو 3۔ هڪ ليٽر پاڻي جو ؟؟؟؟
جواب دُرست آهي پر ٿوري وضاحت ڪيو هان ته واهه واهه ٿي وڃي هان پر خير اوهان کي ايوارڊ ڏيون ٿا ۔۔۔۔۔ڇو ته اوهان جو جواب 50% دُرست آهي ۔ ۔ ۔ ۔هِڪ ليٽر رت جو وڌيڪ وزنائتو هوندو ياد رهي ته رت پاڻي کان 6 دفعا وڌيڪ باريڪ آهي۔
سوال: انهن پکين جا نالا ٻڌايو جن جو دنيا ۾ ته ڪوئي وجود ئي ناهي ،پر اڪثر انهن جا نالا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن؟؟؟
ڊائنو سار شروعاتي دور ۾ پکي ئي هوندا هيا، پر وقت جي حالتن پتاندر انهن جي خد و خال ۾ تبديلي اچي وئي هُئي۔۔ هاڻ ته انهن جو وجود ئي نه رهيو آهي۔
بلڪل درست جواب آهي پر صرف هڪ جي ڳالهه ڪئي آهي اوهان خير ايوارڊ ملي ويو اوهان کي اُهي ٻه پکي آهن هُما پکي ۽ عنقا پکي ۔۔۔۔