• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حاضر دماغي سوال

سوال: انهن پکين جا نالا ٻڌايو جن جو دنيا ۾ ته ڪوئي وجود ئي ناهي ،پر اڪثر انهن جا نالا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن؟؟؟

ڊائنو سار شروعاتي دور ۾ پکي ئي هوندا هيا، پر وقت جي حالتن پتاندر انهن جي خد و خال ۾ تبديلي اچي وئي هُئي۔۔ هاڻ ته انهن جو وجود ئي نه رهيو آهي۔

سائين غلط جواب آ:mad:
 
سوال: انهن پکين جا نالا ٻڌايو جن جو دنيا ۾ ته ڪوئي وجود ئي ناهي ،پر اڪثر انهن جا نالا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن؟
جواب: اُهي ٻه پکي آهن جن جو دنيا ۾ ته ڪوئي وُجود ڪونهي پر اڪثر ٻُڌڻ ۾ ايندا آهن هِڪ هُما پکي ٻيو عنقا پکي ۔
 
هتي مان اُهي سوال پيش ڪندس جن کي انگريزي زبان ۾ انٽيليجنٽ ڪُسچنس چيو ويندو آهي ۽ اسان جي مٺڙي ٻولي ۾ هاضر دماغي سوالَ۔۔۔۔۔۔ڪرڻو ائين آهي ته مان هر هفتي هڪ سوال هن تحرير ۾ لکندس اوهان اُن جو جواب ڏيندا۔۔۔۔۔جنهن جو جواب صحيح هوندو اُن کي منهنجي طرف کان پسنديدگي جو هڪ ايوارڊ ملندو۔۔۔;) ائين اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو به ٿيندو ۽ اگر ڪاٿي دوستن جي ڪچهري ۾ به ويهنداسين ۽ اِهي سوال ايندا ته واهه واهه ٿي ويندي ۔ ۔خراب گفتگو کان بهتر آهي ته سٺيون ڳالهيون شيئر ڪيون وڃن ۔۔ ۔ ۔ اڄ جو سوال ۔ ۔ ۔ ۔

سوال: توهان وٽ ماچيس جي ڊٻي ۾ صِرف هڪ تيلي آهي، توهان هِڪ اهڙي ڪمري ۾ داخل ٿيو ٿا، جتي بلڪل اونداهي آهي توهان کي هِڪ لالٽين ،هڪ تيل سان ڀريل چُلهو ۽ هڪ گيس جو چلهو ٻارڻو آهي، ٻڌايو توهان سڀ کان پهرين ڪنهن کي ٻاريندا؟ سليمان وساڻ ذيشان رشيد نثارابڙو چاچو چڀڙ خان ڦلپوٽو فقير مست عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم گل حسن لاکو
”حاضر دماغي وارو سوال“
 
Back
Top