پي ٽي سي ايل طرفان جديد تفريحي پورٽل جو آغاز..

'ويب سائيٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    پي ٽي سي ايل طرفان پنهنجي ڪسٽمرز لاءِ هڪ بهترين تفريحي پورٽل جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي۔۔ هاڻي هرڪو تمام پاڪستاني ڊراما، لالي ووڊ ۽ بالي ووڊ جون بلاڪ بسٽر فلمون، ٽي وي شوز، اسٽيج ڊراما ۽ گهڻو ڪجهه ڏسي سگهي ٿو۔۔
    هن پيشڪش ۾ ٻارن لاءِ الڳ سيڪشن ترتيب ڏنو ويو آهي۔۔
    هن تفريحي پيڪيج جي ٻين شين ۾ پاڪستان ۾ اهم ترين واقعن جون تازه ترين خبرون ، فيشن نيوز، مستقبل جا حال، رانديون، ڪتاب گهر، رڌ پچاء ۽ عام خبرون شامل آهن۔۔ ڪنهن به براڊ بينڊ سروس جا ڪسٽمر هن سهولت کي حاصل ڪري سگهن ٿا۔۔
    ان کان اڳ پي ٽي سي ايل وارن انٽرٽينمينٽ پورٽل جي صرف پنهنجي ڊي ايس ايل ۽ وائرليس براڊ بينڊ ڪسٽمرز کي ڏني هئي۔ پر هن نئين پورٽل جي سهولت هاڻي ڪوبه انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ حاصل ڪري سگهي ٿو۔۔۔
    پي ٽي سي ايل جو چوڻ آهي ته پورٽل تي فلمون ۽ ڊرامن جي لائبريري جيڪا پهرين ئي ڪافي وڏي آهي وقت سان گڏو گڏ وڌيڪ وڌندي رهندي۔۔
    پي ٽي سي ايل جي هن پورٽل تي ڪا به فلم يا ڊرامون وغيره آن لائين صرف 5 منٽن تائين پري ويو طور ڏسي سگهبو ۔۔ وڌيڪ وقت وٺڻ لاءِ ڪنهن به يوفون نمبر تان MYTV لکي 9497 تي ميسيج موڪلڻ سان هڪ پاس ڪي حاصل ڪري سگهبي جيڪا اڳين 24 ڪلاڪن لاءِ قابلِ استعمال رهندي ۔۔۔ ان پاس ڪي جي مدد سان ڪسٽمر پورٽل تي موجود ڪو به مواد ڏسي سگهن ٿا۔۔
    24 ڪلاڪن جي لاءِ پاس ڪي حاصل ڪرڻ جا چارجز 10 روپيه پلس ٽيڪس آهن۔۔۔

    پي ٽي سي ايل جي انٽرٽينمينٽ پورٽل تي وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Muhammad Muslim Jokhio

    Muhammad Muslim Jokhio
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 نومبر 2012
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    36
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    تمام بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو