لفظن جو ڪمالمانچيسٽر اسٽريٽ ۾ هڪ فقيرپِني رهيو هو، ان جي ڪنڌ ۾ هڪ سليٽ ٻڌل هئي، جنهن تي لکيل هو ته ” آئون نابين آهيان،منهنجي مدد ڪريو“ ان جاءِ تان هڪ مارڪيٽنگ مينيجر جو گذر ٿيو، ان فقير جي سليٽ تان اهوجملو مٽائي ڪجهه ٻيو لکيو. ان کانپوءِ ان فقير کي پهريان کان ٻيڻ تي پيسا ملڻ لڳا. توهان کي خبر آهي ته ان جو ڪارڻ ڇا هو؟ ان جو ڪارڻ هي هو ته مارڪيٽنگ مينيجر ان فقير جي سليٽ تي هي جملو لکيو هو. ”توهان تمام گھڻا خوبصورت آهيو پر آئون توهان کي ڏسي نٿو سگھان“.
تمام درست ڳالهه چئي وئي آ۔۔ لفظن جي درست انتخاب سان ڪئين پريشانيون، تڪليفون پري ٿيو وڃن۔ پراوا پنهنجا ٿيو وڃن۔ صحيح لفظ صحيح ٽون ۾ چئجن ته اهي جادو وانگر اثر ڪن ٿا۔هڪ ئي ڳالهه مختف انسان مختلف طريقن سان چوندا آهن انهي ڪري انهن جو اثر به مختلف ٿيي ٿو۔ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته تعليم انسان کي صحيح لفظ ڳالهائڻ سيکاري ٿي۔ڪنهن سان ڪهڙو ورتا ڪجي ان لا علم ۽ تجربي جي ضرورت آهي۔انسان جي ڳالهائڻ مان ئي اهو اندازو ٿيو وڃي ته هو ڪهڙي قسم جو آهي،اخلاق ڪهڙو اٿس،ڄاڻ ڪيتري اٿس۔
علم عقل ۽ ڏاهپ جو اهو ئي ته ڪمال آهي جو لفظن جو بهترين جڙا ئي انساني فطرت تي بهترين نموني اثر انداز ٿيندا آهن، ۽ اها لفظن جي بهترين چونڊ ئي ڏاهپ کي ظاهر ڪندا آهن۔