گل حسن لاکو
سينيئر رڪن
لفظن جو ڪمال
مانچيسٽر اسٽريٽ ۾ هڪ فقيرپِني رهيو هو، ان جي ڪنڌ ۾ هڪ سليٽ ٻڌل هئي، جنهن تي لکيل هو ته ” آئون نابين آهيان،منهنجي مدد ڪريو“ان جاءِ تان هڪ مارڪيٽنگ مينيجر جو گذر ٿيو، ان فقير جي سليٽ تان اهوجملو مٽائي ڪجهه ٻيو لکيو. ان کانپوءِ ان فقير کي پهريان کان ٻيڻ تي پيسا ملڻ لڳا. توهان کي خبر آهي ته ان جو ڪارڻ ڇا هو؟ ان جو ڪارڻ هي هو ته مارڪيٽنگ مينيجر ان فقير جي سليٽ تي هي جملو لکيو هو. ”توهان تمام گھڻا خوبصورت آهيو پر آئون توهان کي ڏسي نٿو سگھان“.