السلام عليڪم و رحمه الله و برڪاته
دوستو جڏنهن هن فورم جي ابتدا ٿي هئي ته اسان کي يقين نه هو ته ڪو هي فورم ايڏي ترقي ڪندو ۽ اسان جا اهڙا محترم دوست۔ جيڪي صرف عام ميمبر ئي نه پر شآعر ، اديب، ۽ علمي قابليت رکڻ وارا ماڻهون به هن فورم تي ايندا۔ پر وقت اسان جي ان سوچ جي ابتڙ ثابت ڪري ڏيکاريو ته نه اسان جي هي مٺڙي ٻولي ڪنهن ٻين ٻولين کان گهٽ نه آهي ۽ سنڌ امڙ جي پيٽ ۾ پلندڙ سنڌي به ڪنهن به ميدان ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهين
سنڌ سلامت جي ترقي ۾ ڪنهن به هڪ ماڻهو جو هٿ نه آهي اگر چه هر ڪنهن جي ڪوشش پهنجي پهنجي حساب سان مختلف يا گهٽ وڌ ضرور رهي آهي پر پوء به عام طور تي سنڌ سلامت جو نالو سنڌ جي هر ڪنڊ تائين پهچائڻ ۾ ڪافي دوستن جو گهرو ساٿ رهيو آهي جنهن جي لاء اسان سڀني دوستن جا شڪر گذار آهيون
سنڌ سلامت جي ٽيم کي ان ڳاله تي تمام گهڻو فخر آهي ته اسان جا دوست تما ئي قابل ۽ علم ۽ فهم رکندڙ آهين ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان اڄ ان منزل تي پهتا آهيون ۔ جن دوستن مان اسان جي سر جو سائين ۽ اسان جي لاء قابل احترام ادو
رحيم بخش
پڻ آهي جنهن تمام ٿوري عرصي ۾ ايتري محنت ۽ ماڻهن کي سنڌ سلامت فورم بابت ماڻهن کي راغب ڪيو
سائين جن جي ڪاميابي ان ڳاله مان ئي ظاهر آهي ته سنڌ سلامت جي سبني ميمبرن بنا ڪنهن ترديد جي سائين جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۔
چو ته سائين علمي شخصيت هجڻ سان گڏو گڏصاحب وقار ۽ متدبر ماڻهون آهين ۔ ان لاء اسان کي هڪ اهڙي موڊ جي ضرورت هئي جيڪو اسان جي اميدن تي پورو لهي
سائين کان اسان اها ئي اميد ڪيون ٿا ته پاڻ اڃا به سنڌ سلامت جي ڪاميابي لاء ڪوشش ڪندا چوته ايڊيٽر بڻجڻ کان پوء سائين جي ذميورارين ۾ اڃا به اضافو ٿيو آهي :d
سائين اوهان کي ان خوشي ۾ مان جهونو گلن جا تحفا پيش ڪرڻ چاهيان ٿو اميد ته اوهان کي قبول پوندا
پر اسان ورو فقير الاء چو ڪنجوسي ڪري ويو ۽ هڪ ئي گل ڏئي جان ڇڏائي ويو اهو به اڌڙ گل جو
ڀلا سالو تهنجا ڀاڳ
پر اسان ڪنجوس نه آهيون خاص ڪري سائين رحيم جي معاملي ۾ ته هي وٺو گل مهنجا سائين اميد ته قبول پوندا
1561 اٽيچمينٽ ڏسو
1562 اٽيچمينٽ ڏسو
1563 اٽيچمينٽ ڏسو
1564 اٽيچمينٽ ڏسو