سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2010۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سنڌ سلامت جا دوستو



    مان سنڌ سلامت سٿ پاران سائين رحيم بخش صاحب کي سنڌ سلامت جو ايڊيٽر بڻجڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو سائين جي بهترين ڪاوشن ۽ ڪوششن سان سنڌ سلامت فورم کي ڪافي هٿي ملي آهي، مان سائين رحيم بخش کي هڪ دفعو ٻيهر دنيا جي پهرين وڏي سنڌي فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ پيش ڪريان ٿو ۽ سائين کي هي تحفو پيش ڪريان پيو .



    [​IMG][/URL] [​IMG]
    [/IMG]​


    sadayeen gud


    sindhsalamatsaathsal
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سائين مولوي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم جي ميمبر ٿيڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد۔۔۔ هاڻي اوهان تي وڏي ذميداري اٿوَ بابل سائين۔۔۔ سنڌ سلامت جي لاءِ توهان جو ڪيل ڪم ساراهه ڪرڻ کان به مٿي آهي۔۔۔
    ۽ سنڌ سلامت جي ٽيم خاص ڪري ادي رشيد کي به مبارڪ
    ادي رشيد جي لاءِ هڪ شعر۔۔۔۔۔۔۔
    مين تو اڪيلا هي چلا ٿا جانب منزل ليڪن
    لوگ آتي گئي ڪاروان بنتا گيا۔۔۔۔
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    ادا اسد، سائين ميمبر نه پر هاڻي ايڊيٽر آهي.

    بهرحال سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪباد هجي.
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    ادا معافي۔۔۔۔۔ مان پهرين سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم جي ميمبر ٿيڻ پئي لکيو پر غلطيءَ ۾ ٽيم جي وارو لفظ ڪٽجي ويو
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سائين مولوي صاحب کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي هن حقير جي طرفان به لک لک واڌايون قبول پون۔۔۔۔

    انتظاميه جو تمام پيارو فيصلو ڏسڻ ۾ آيو۔۔۔۔

    shal judy hujeen
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    دوستو! حسب عادت اڄ صبح سان جيئن ئي سنڌ سلامت کوليم ته سائين رحيم بخش جي نالي ۾ ڪجهه تبديلي تبديلي نظر آئي ... غور ڪرڻ تي خبر پئي ته اهو رنگ ۽ ڍنگ ته اسانجن محترم ايڊيٽر حضرات جو آهي ... سو بس اصل دل باغ بهار ٿي وئي ... جو ادي عبدالوهاب جي مصروف ٿي وڃڻ کانپوءِ. ايڊيٽنگ جي ڪم ۾ ڪافي مشڪلاتون هيون ... پر چوندا آهن ته دير آيد درست آيد ...
    ادي رحيم بخش جو انتخاب انتهائي موضوع آهي ... علمي لحاظ سان يا سنڌي حرف ونحو جي حساب سان اسانجو هي دوست قابليت رکي ٿو ... هي دوست مذهبي ڄاڻ سان گڏ سنڌي، انگريزي، اردو، عربي ۽ فارسي زبانن جي ڄاڻ پڻ رکي ٿو ۽ مدرس پڻ آهي ... بلڪه آءُ ته چوندس ته هن دور ۾ اسانکي هفت زبان دوست ملي ويو آهي ... اسانجي خوشنصيبي آهي ....

    جيتوڻيڪ سنڌ سلامت جي ايڊيٽر جو اعزاز ڪو ايترو وڏو ته ناهي پر تنهن هوندي به اهم انڪري آهي جو هي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو فورم آهي، جنهن جو مقصد آهي سنڌي ۽ بس سنڌي، سو ان فورم کي هلائڻ وڌائڻ ۽ انجي انتظامي امورن سان سلهاڙيل هجڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ اعزاز به آهي ...

    آءُ پنهنجي هن دوست کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيانٿو ۽ توقع رکانٿو ته هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت پنهنجو قومي فرض سمجهي ڪندا ۽ هن فورم تي ايندڙ اسانجهڙن دوستن جي رهنمائي پڻ ڪندا رهندا ...

    دوست رحيم بخش اسان سنڌين جي هٿن ۾ گل ته آهن ڪون جو اوهانجي اڳيان رکجن، ها، تڪليفون ۽ احساس محروميون ضرور آهن ... ممڪن ٿي سگهيوَ ته انهن کي برداشت ڪجو ۽ اسانجي ساٿ سان هلندا رهجو ...

    سکن واري سڌ، متان ڪا مونسين ڪري،
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون ...
     
  7. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت جو ايڊيٽر ٿيڻ تي لک لک واڌايون هجن ۽ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي توهان کي سنڌسلامت جو ايڊيٽر ڏسي۔
    دعا ۾ ياد
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد


    السلام عليڪم و رحمه الله و برڪاته

    دوستو جڏنهن هن فورم جي ابتدا ٿي هئي ته اسان کي يقين نه هو ته ڪو هي فورم ايڏي ترقي ڪندو ۽ اسان جا اهڙا محترم دوست۔ جيڪي صرف عام ميمبر ئي نه پر شآعر ، اديب، ۽ علمي قابليت رکڻ وارا ماڻهون به هن فورم تي ايندا۔ پر وقت اسان جي ان سوچ جي ابتڙ ثابت ڪري ڏيکاريو ته نه اسان جي هي مٺڙي ٻولي ڪنهن ٻين ٻولين کان گهٽ نه آهي ۽ سنڌ امڙ جي پيٽ ۾ پلندڙ سنڌي به ڪنهن به ميدان ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهين
    سنڌ سلامت جي ترقي ۾ ڪنهن به هڪ ماڻهو جو هٿ نه آهي اگر چه هر ڪنهن جي ڪوشش پهنجي پهنجي حساب سان مختلف يا گهٽ وڌ ضرور رهي آهي پر پوء به عام طور تي سنڌ سلامت جو نالو سنڌ جي هر ڪنڊ تائين پهچائڻ ۾ ڪافي دوستن جو گهرو ساٿ رهيو آهي جنهن جي لاء اسان سڀني دوستن جا شڪر گذار آهيون

    سنڌ سلامت جي ٽيم کي ان ڳاله تي تمام گهڻو فخر آهي ته اسان جا دوست تما ئي قابل ۽ علم ۽ فهم رکندڙ آهين ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان اڄ ان منزل تي پهتا آهيون ۔ جن دوستن مان اسان جي سر جو سائين ۽ اسان جي لاء قابل احترام ادو
    رحيم بخش
    پڻ آهي جنهن تمام ٿوري عرصي ۾ ايتري محنت ۽ ماڻهن کي سنڌ سلامت فورم بابت ماڻهن کي راغب ڪيو
    سائين جن جي ڪاميابي ان ڳاله مان ئي ظاهر آهي ته سنڌ سلامت جي سبني ميمبرن بنا ڪنهن ترديد جي سائين جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۔
    چو ته سائين علمي شخصيت هجڻ سان گڏو گڏصاحب وقار ۽ متدبر ماڻهون آهين ۔ ان لاء اسان کي هڪ اهڙي موڊ جي ضرورت هئي جيڪو اسان جي اميدن تي پورو لهي
    سائين کان اسان اها ئي اميد ڪيون ٿا ته پاڻ اڃا به سنڌ سلامت جي ڪاميابي لاء ڪوشش ڪندا چوته ايڊيٽر بڻجڻ کان پوء سائين جي ذميورارين ۾ اڃا به اضافو ٿيو آهي :d

    سائين اوهان کي ان خوشي ۾ مان جهونو گلن جا تحفا پيش ڪرڻ چاهيان ٿو اميد ته اوهان کي قبول پوندا
    پر اسان ورو فقير الاء چو ڪنجوسي ڪري ويو ۽ هڪ ئي گل ڏئي جان ڇڏائي ويو اهو به اڌڙ گل جو
    ڀلا سالو تهنجا ڀاڳ
    پر اسان ڪنجوس نه آهيون خاص ڪري سائين رحيم جي معاملي ۾ ته هي وٺو گل مهنجا سائين اميد ته قبول پوندا

    1561 اٽيچمينٽ ڏسو

    1562 اٽيچمينٽ ڏسو

    1563 اٽيچمينٽ ڏسو

    1564 اٽيچمينٽ ڏسو
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سنڌ سلامت تي روز بروز ٽريفڪ جي وڌڻ، تحريرن جي اضافي ۽ انتظامي ڪمن جي گهڻائي ڪري هڪ اضافي ايڊيٽر جي ضرورت ڪافي وقت کان محسوس ڪئي پئي وئي۔۔۔جنهن لاءِ هن دفعي پڻ ڪوشش ڪئي وئي ته ڪنهن معتبر ۽ ڄاڻو ماڻهون کي ايڊيٽر طور سليڪٽ ڪجي۔۔۔۔
    هوئن ته سنڌ سلامت تي ايندڙ سڀئي رڪن محنتي، محبتي ۽ هڪ ٻئي کي همت افزائي ڪندڙ آهن ۔۔۔ ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هو فورم تي رهي ڪري ۽ فورم جي پس منظر ۾ سنڌ سلامت کي اوچائي تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائي رهيا آهن۔۔۔ ان سلسلي ۾ سندن ڪاوشن کي سنڌ سلامت سلام ڪري ٿي۔۔۔ اهڙن مڙني ماڻهن مان ايڊيٽر جي ذميدارين نڀائڻ لاءِ ڪنهن رڪن جي سليڪشن هڪ ڏکيو عمل هو۔۔۔ ڇو ته سمورن رڪنن مان ڪي گهٽ ته ڪي گهڻا محنتي ماڻهون سنڌ سلامت فورم تي هر وقت موجود رهندا آهن۔۔۔۔پر سائين رحيم بخش پنهنجي نهايت مهذب ۽ شائستا لفاظي موڪلڻ جي ڪري ٿورو منفرد لڳو ۽ ٻيو ته پاڻ محبت ونڊيندي۔۔۔ مذهب، سياست، معاشرتي قدرن، سماجي ماحول، بهترين دوستن جي خزاني جي مالڪ سان گڏو گڏ هڪ استاد ۽ ڪمپيوٽر اليڪٽرانڪ ۾ زبردست ڄاڻ رکندڙ شخصيت آهي۔۔۔ سندس تحريرن ۾ مٺاس سان گڏو گڏ همت افزائي ۽ وڌيڪ مواد موڪلڻ جي صلاح پڻ هوندي آهي۔۔۔ ان ڪري سنڌ سلامت انتظاميه سندن مٿان اضافي ذميداري رکڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔
    اسان اميد ڪريون ٿا ته سائين رحيم بخش پنهنجي اهڙي جستجو کي جاري رکندا ۽ سندس مٿان سندن اجازت کان سواءِ عائد ڪيل هن ذميداري کي احسن طريقي سان نڀائيندا۔۔۔ گڏ سموري ساٿ کي گذارش آهي ته پنهنجي تحريرن ۽ ان ۾ موجود روين کي سنڌ سلامت انتظاميه لاءِ هميشه وانگر سهڪاري رکندا۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سنڌ سلامت جا محبوب ساٿيو اوهان جا لک لائق جو هن عاجز کي ايتري پيار ۽ محبت جي پيغامن سان نوازيو اٿوَ سڀني پيارن جو مان نهايت تهه دل سان شڪريو ادا ڪيان ٿو مون ۾ ڪا خاص لياقت ته نه آهي ليڪن دوستن جي اصرار تي جهڙو حال پريان نال ، دوستن جي رکيل ذميداري ڪماحقه ته نه نڀائڻ جي حامي ڪونه ٿو ڀريان جو مون کي ڊيوٽي ته آهي پر ان سان گڏ شام جو ديني مدرسي جي ذميواري به آهي انڪري هر ممڪن ڪوشش ڪندس ته دوستن جي اعتماد کي برقرار رکان ۽ ڪنهن کي شڪايت نه ٿئي ليڪن الانسان مرڪب من الخطاء والنسيان يعني انسان خطا ۽ ويسر جو پتلو آهي ان مقوله جي مصداق تحت اگر ڪا خطا سرسزد ٿئي ته دوستن کي التجا آهي ته محبت سان سنوارڻ جي ڪوشش ڪن يا درگذر ڪرڻ فرمائيندا هي مون هڪ جو ڪم نه آهي پر اسان سڀني سنڌي ساٿين جو ڪم آهي ٻه ته ٻارهن واري اصول تحت سڀني جو ساٿ رهندو ته تڏهن ئي نمايان بهتري منظر عام تي ايندي ۽ انتظاميه کي دست بسته عرض آهي ته هڪ ايڊيٽر جو ٻيو به اضافو ڪن جو مان مصروف هجڻ جي ڪري رات جو ڪجهه وقت ۽ صبح جو ڪجهه وقت فورم کي ڏيندو آهيان ليڪن اسڪول ٽائيم ۾ ڪافي ٿريڊ اچن ٿا ته انهن کي اهو دوست سنڀالي وري هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني پيارن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو اميد ته سڀ پيارا ڀرپور ساٿ نڀائيندا۔
     
  11. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    ايڊيٽر ٿيڻ منهنجي نظر ۾ ڪو اعزاز ته نه آهي صرف هڪ ذميداري آهي جيڪا انتظاميه جي طرفان هڪ ذميداري عائد هوندي آهي ان کي پوري ڪرڻو هوندو آهي
    لهذا وتائي فقير جي ڳاله وانگر جيڏانهن گهڻن جي صلاح ۔۔۔۔ ادا رحيم بخش مان غريب طرفان به مبارڪ باد قبول ڪندا ۔۔۔۔۔۔۔۔
    اميد اها ذميداري احسن طريقي سان نڀائيندا
    ڪجھ ممبرن جي صحيحن کي ايڊٽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڪجھ ممبرن جي تحريرن کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سائين پيارا علي علي اوهان جي محبت ڀرئي انداز جو ته هي عاجز اڳيئي قائل آهي بس ايترو چوندس ته

    ٿـورن ناهـــن ٿـورا مـــون تــي مــاروئڙن جا
    ٿـــر ۾ واري ٿـــورڙي تـــنــــهان گهـــڻــيرا
    ڀــلايون ڀـــيرا ڳـــڻي ڳـــڻينديس ڪيترا۔
     
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    فقير سائين پيارا مان وارا اوهان جا اهي پيار ڀريا گل اکين تي بس دل واري محبت کان ڌار نه ڪجو۔
     
  14. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سائين اسد پيارا اوهان جي مهرباني الله توهان کي شاد ڪري۔
     
  15. زاهد نظاماڻي

    زاهد نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد (M.U.E.T ڄامشورو) ڪمپيوٽر سيسٽم
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد خان نظاماڻي (بدين)
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت جو ايڊيٽر ٿيڻ تي اسان جي طرفان به کوڙ ساريون مبارڪون..
     
  16. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سائين قبلا اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان مون مسڪين جي همت افزائي ڪئي
    ۽ پنهنجي دوستن ۾ شامل ڪري مان مٿاهون ڪيو
    اوهان جهڙا رهنما موجود آهن اسين ته اوهان کان سکندا آهيون ۽ سکندا رهنداسين ۔ باقي اوهان جا ٻانهن ٻيلي اڳ به هئاسين هاڻي به رهنداسين هن ذميواري جي ڪما حقه نڀائڻ جي پاڻ کي طاقت نه آهي ليڪن اوهان جي ساٿ سان سنگت جي ساٿ ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪبي۔
     
  17. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد


    صحيح ٿو فرمائين ادا۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي ايڊيٽرن يا وري انتظاميه ۾ رهندڙن رڪنن جو ڪم ئي اهو آهي۔۔ بس ڪنهن نه ڪنهن جي تحرير کي ڊيليٽ ڪندا۔۔۔ يا وري سگنيچر ڊيليٽ ڪندا۔۔۔ يا ته وري انهن جي تحريرن کي لڪائي ڇڏيندا۔۔ انهن جو واندڪائي ۾ اهو ئي ته عمل هوندو آهي جيڪو ڪارائتو سمجهيو وڃي ٿو۔۔۔ نه ته هونءَ ڀلا انهن کي ڪير چوندو ته اهي ايڊيٽر آهن يا انتظاميه جا خاص رڪن آهن۔۔۔

    جي اهڙا ڪم سر انجام نه ڏيندا ته پوءِ ٻين ميمبر حضرات کي ڪهڙي خبر پوندي ته اهي ڇا ڪري رهيان آهن يا انهن جو ڪهڙو ڪم آهي۔۔۔۔

    ادا عظيم، لڳي ٿو ته هاڻي اوهان کي ايڊيٽر بڻايو وڃي جيئن اوهان اسان جهڙن غريب ميمبرن جي تحريرن ۾ يا سگنيچرز ۾ ڪي تبديليون نه ڪريو باقي ته ڪو اهڙو رڪن سُجهي ئي ڪونه ٿو جيڪو اهي ڪم نه ڪري۔۔۔ پر مان اڃا به ڪيٻائيندين ايترو چوندس ته جيڪڏهن سنڌ سلامت جي انتظاميه اهڙا اختيار اوهان کي ڏئي ته اوهان به اسان جهڙن غريبن لاءِ ائين ئي سوچيندو جيئن اوهان ٻين انتظاميه جي ميمبرن لاءِ سوچيو آهي۔۔۔

    ادا آئون انتظاميه جي سڀني وس وارن کي هٿ ٻڌي التجا ٿو ڪريان ته ادا عظيم کي ايڊيٽر يا سپر ايڊيٽر بنايو وڃي ته جيئن سائين جن اسان جهڙن جي تحريرن ۾ ڪا ردوبدل نه ڪن۔۔۔۔

    باقي ٻيا ته سڀئي تحريرن ۾ تبديلون يا انهن کي ڊيليٽ ٿا ڪري ڇڏين۔۔۔۔۔
     
  18. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    فقير زاهد سومرا صاحب asul matt
    خير ته آهي ادا اهڙي لهجي ۾ ڳالهايو ٿا ۔۔۔۔
    ادا مون ته چيو پنهنجي ذميداري احسن طريقي سان نڀائيندا ۽ هيٺ ٻه ڪم ايڊيٽر جا لکيم اوهان ڳاله کي ايترو کڻي ويا ۔۔۔۔ نوڙي مان نانگ ۔۔۔۔۔۔۔۔ابو ۔۔۔۔۔۔۔۔فقير پهريائين اسان غريب وري توهان فقيرن جو به اهو رويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ادا مون کي ايڊيٽر ٿيڻ جي خواهش نه آهي اهي توهان کي مبارڪ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔wslam حقيقت ۾ حق توهان جو به هو ۔۔۔۔۔۔۔پر الاءِ ڇو۔۔۔۔۔
    ادا اهڙي فورم تي ايڊيٽر ٿيڻ جي اسان قابل ته نه آهيون ڇوته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    توهان کي مبارڪ هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    منهنجو به انتظاميه کي نماڻو عرض آهي ڪامريڊ فقير زاهد سورو کي ايڊيٽر ڪيو وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    تاڪه سائين لهجي ۾ نرمي اچي سگهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔wslamwslam
     
  19. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    سائين عظيم صاحب اوهان جيڪو لکيو اهو به دوست پڙهندا هوندا ۽ جيڪو مون لکيو هو اهي به دوست پڙهندا هوندا۔۔۔۔ باقي جيڪو هاڻي اوهان ريپلائي ڪريو آهي انهي کي به دوست پڙهندا هوندا۔۔۔

    جيڪي منهنجي لکڻين ۾ ڪا جذبات آهي يا وري ڪو دوست چئي ته ها ۔۔۔۔ ته پوءِ مان پنهنجو ڏوهه تسليم ڪندس مان اوهان جي پهرين تحرير اهي لفظ اقتباس طور ٻيهر ورتا آهن۔۔۔۔ اگر اوهان انهن کي وضاحت سان لکو هان ته مونکي به ڪو اعتراض نه ٿئي ها۔۔۔ باقي اوهان ڳالهين کي ٽيڙ ڦاڙ ڪري لکي موڪليندا آهيو۔۔ ان مان جيترو اندازو مون لڳايو اهو مون لکيو اگر اوهان کي پسند نه آيو ته ان جي جواب ۾ جيڪو اوهان لکيو انهي کي به دوستن پڙهيو هوندو۔۔۔۔۔

    وڌيڪ دوست ئي ٻڌائيندا ته اوهان جا پهريان لکيا جملا آهن انهن مان اهي ڪهڙو ٿا مطلب سمجهن۔۔۔

    جيڪڏهن ادا اهي ڳالهيون مان لکان ها۔۔۔ ته اوهان به مونکي اهڙو ئي جواب ڏيو ها۔۔۔ پر اوهان جي پوري تحرير مان اهو به ظاهر ٿئي ته اوهان سائين مولوي رحيم بخش جي ايڊيٽر ٿيڻ تي راضي نه ٿيا آهيو۔۔ انهي تحرير اوهان وتائي فقير وارو اهو مثال به ڏنو آهي جيڪو سڄي سنگت کي خبر آهي۔۔۔۔۔

    باقي دوست هي فورم منهنجو ذاتي ناهي۔۔ جنهنجو فورم آهي اهي جنهن کي چاهن انهن کي انتظاميه ۾ رکي سگهن ٿا۔۔۔۔ هن فورم کي هلائڻ وارا، ادا رشيد سمون، ادا علي علي، ادا عامر ضياء چارڻ، آهن۔۔ جن هن فورم لاءِ پتوڙيو آهي۔۔۔ مرضي به انهن جي هلندي۔۔۔۔

    باقي منهنجو نالو ڪيڏانهن آيو ته هي فقير به ايڊيٽر ٿئي۔۔۔ پنهنجي لهجي مان بلڪي اوهان پنهنجي لهجي کي درست ڪريو۔۔۔

    مون ڪا غلط ڳالهه ڪئي هجي ته دوست مونکي هن ئي ٿريڊ ۾ غلط ثابت ڪن ته مان اوهان جو گنهگار آهيان۔۔۔ ۽ جيڪا سزا دوست منتخب ڪن سا مونکي قبول آهي۔۔۔

    جي منهنجو ڏوهه ثابت ٿئي ته مان هن فورم تي لاگ ان به نه ٿيندس اوهان جي ذهن ۾ اهو خيال آهي۔۔۔ ته مان به ڪو انتظاميه جو رڪن آهيان۔۔۔ پر ايترو ضرور چوندس ته سائين نثار ابڙو، سائين نثار ناز، سائين رحيم بخش، ادا مگسي، ادا علي علي، ادا ڦلپوٽو فقير، ادا عامر ضياء چارڻ سان مان مليو آهيان۔۔۔

    جي انهن سان سنگت آهي ته اهو منهنجو ڏوهه ئي سمجهو۔۔۔۔۔
     
  20. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سائين رحيم بخش کي سنڌ سلامت فورم جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد

    ادا منهنجو قطعي اهو مقصد نه آهي
    توهان پنهنجي اندازي تي نه لڳو پنهنجي عقل ۽ سوچ کان ڪم وٺو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سوچي سمجھي پو۽ تحرير موڪليو
    اندازو لڳائي نه
    ادا خدا گواه آهي بنده حقير سراپا تقصير سائين رحيم بخش جي ايڊيٽر ٿيڻ تي راضي آهي
    توهان بنده تي تهمت ٿا هڻو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو