• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي زوال جو سڀ کان وڏو سبب

گل حسن لاکو

سينيئر رڪن
آمريڪا ۾ ٽن قسمن جي ماڻهن کي تمام گھڻي اهميت ڏني ويندي آهي.
مزدور، سائنسدان ۽ استاد
فرانس جي عدالتن ۾ استاد کانسواءِ ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي ڪرسي پيش نه ڪئي ويندي آهي.
جاپان ۾ ڪنهن به استاد جي گرفتاري جي لاءِ پهرين حڪومت کان هڪ خاص قسم جي اجازت وٺڻي پوندي آهي.
ڪوريا ۾ ڪو به استاد پنهنجو ڪارڊ ڏيکاري اهڙين سهولتون حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪي اسان جي ملڪ ۾ صرف وزير اعظم، ايم اين اي يا ايم پي اي کي حاصل هونديون آهن.
اسان جي زوال جو سڀ کان وڏو سبب علم وارن ۽ دانشورن جي ناقدري آهي. جنهن معاشري ۾ علم وارن جي عزت نه هوندي اتي غنڊا، ڦورو ۽ ڌاڙيل ئي حڪومت ڪندا آهن ۽ پوءِ ان معاشري جو زوال شروع ٿي وندو آهي. شل الله پاڪ اسان سڀني کي استادن، علم وارن، دانشورن جو قدر ڪرڻ فرمائي. آمين.
 
ڇا اسان جو استاد واقعي استاد سڏائڻ جي لائق آهي۔۔؟
اسان جي استادن ۾ جيستائين اهليت، ڄاڻ، تجربو ۽ پنهنجي پيشي سان سچائي نه هوندي، کين ڪڏهن به صحيح رتبو ۽ عزت ملي نه سگهندي۔!!
 
بلڪل اها ڳاله ته درست آهي پر انهن استادن کي ڪهڙي عزت ڏجي جيڪي تمام گهڻي پگهار هوندي به اسڪول نه ٿا وڃن ۽ جي وڃن ته پڙهائن ڪون ٿا۔
 
Back
Top