صادق سولنگي
سينيئر رڪن
ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سنڌ جي نجات ڳوليندڙ انور پيرزادو
سنڌ اڄ هڪ اهڙي شخص جي ورسي ملهائي رهي آهي، جيڪو عشق ۽ انقلاب جو امتزاج هو. ايئر هوسٽس سان عشق کيس هوائي فوج ۾ پائليٽ بڻايو، جڏهن ته انقلاب سان عشق سبب کيس انهيءَ نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا، جنهن سبب سنڌ کي اهڙو انور پيرزادو مليو، جنهن جي زندگي ۽ شخصيت جي هر شاخ ۾ فقط سنڌ ئي سنڌ هئي. هڪ لحاظ کان سندس هوائي فوج واري نوڪري ختم ٿيڻ کي آئون ان ڪري به سٺو سنئوڻ سمجهان ٿو، جو ان واقعي هڪ اهڙي انور کي جنم ڏنو، جنهن صحافتي ميدان ۾ پاڻ ملهايو، ته سنڌ جي قديم آثارن ۾ به دلچسپي ورتي، ادب ۽ شاعريءَ کي به هينئين سان هنڊايو ته پنهنجي علمي سگهه سان ڳوٺ ۽ علائقي ۾ علم جي روشني پکيڙي اونداهيءَ ۾ لاٽ ثابت ٿيو. سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري موهن جي دڙي جي ڪُک ۾ قائم ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي غريب گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ انور پيرزادي ڀٽائيءَ جي نقش قدم تي هلڻ کي ئي پنهنجو نصب العين بڻايو. اهڙي ته خود دار شخصيت جو مالڪ هو، جو بيماريءَ جي بستري تي هئڻ باوجود سرڪار کي علاج جي اپيل ڪرڻ کي پنهنجي اصول جي خلاف ٿي سمجهيائين. هو اهڙي سنڌ ۽ انسان دوست شخصيت جو مالڪ به هو جو جتي به ظلم ۽ جبر يا ڪنهن سان زيادتي ٿيندي محسوس ڪيائين، ته قلم ذريعي ان کي نندي نشانبر ڪرڻ ڄڻ ته سندس رت ۾ شامل هو. وڻ جي ڇانورن هيٺان پڙهي ۽ ڪڙهي نڪتل انور تي ننڍي کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي جي ڪچهرين ۽ محبت اهڙو ته اثر ڪيو، جو سنڌ کي محمد پريل المعروف انور پيرزادي جي نالي اهڙو ته انقلابي ۽ سنڌ دوست ماڻهو مليو، جنهن کي ٽي ورهيه وهامي وڃڻ باوجود نه ته سنڌ وساري سگهي آهي، نه ئي ڪڏهن وساري سگهندي. انور صاحب جو ڪردار ئي آهي جو اڄ ٻلهڙيجي ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. هن ننڍڙي ڳوٺ کي ”لٽل ماسڪو“ جو مليل لقب به ڪو ڪميونسٽ پارٽي جي طفيل نه هو پر اهو لفظ ته تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي رٽائرڊ سيڪريٽري گل محمد عمراڻي سان گڏ انفارميشن آفيسر قربان پيرزادي جي دعوت تي ٻلهڙيجي آيل بيراج مختيارڪار قربان بگٽي کان ڳوٺاڻن جي ڪچهريءَ ۾ بي ساخته طور نڪتو هو. هي 1976ع جو زمانو هو، جڏهن ڀٽي صاحب جي حڪومت اڃا ختم نه ٿي هئي. جنهن مختيارڪار کان اهي لفظ نڪتا سو جماعت اسلامي جو ڪميٽيڊ ڪارڪن هو، جڏهن ته ٻلهڙيجي ترقي پسند تحريڪ جو ٿاڪ هئي. سو چوڻ جو مطلب ته ٻلهڙيجيءَ جهڙي ڪچي جي پٺتي پيل ڳوٺ ۾ شعور جو فصل انور پيرزادي پوکيو. 1978ع ۾ شاهه لطيف جو ڏينهن ملهائي ڳوٺ ۾ سڄي سنڌ جي عقل و دانش ۽ کاٻي ڌر کي گڏ ڪرڻ توڙي 81، 1980ع ڌاري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسيءَ جي موقعي تي ترقي پسندن کي ٻلهڙيجي ۾ هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو ڪم انور ئي سرانجام ڏنو هو. انور ڀٽائيءَ جي راهه جو راهي هو. هن ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سنڌ جي نجات ۽ دردن جو درمان ڳولهي لڌو هو. هو چوندو هو ته سنڌ کي سمجهڻ لاءِ ڀٽائي کي سمجهڻ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو سيلاني بڻيو، جاتيءَ ۾ اوٺين سان ڪچهري هجي يا سنڌوءَ تي ٻيڙيون هلائيندڙ ملاحن سان تعلقات، يا جڏهن به ٿر وسيو، انور اتي پهتو. انور بابت سندس دوستن رفيقن ۽ ساٿين جا مختلف رايا آهن. ڪي چون ٿا ته بنيادي طور شاعر هو، ڪن جي راءِ آهي ته اديب هو، ڪي اينٿراپالاجسٽ طور کيس ياد ڪن ٿا. بلڪل اهي سموريون خوبيون سندس رت ۾ سمايل هيون.، پر آئون کيس سڀ کان پهريون سنڌ جو سرموڙ صحافي ٿو سمجهان ۽ بعد ۾ ٻيو ڪجهه. اڄ کيس وڇڙئي ٽي سال ٿي ويا آهن پر سنڌ اڄ به انور کي ياد ڪري ٿي.
روزانو ڪاوش تان ورتل