ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو، ٻه چار لڙڪ هارجو

'مختلف موضوع' فورم ۾ سنڌو ڪماري طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2013۔

  1. سنڌو ڪماري

    سنڌو ڪماري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    teacher
    ماڳ:
    karachi
    ج

    [​IMG]
    ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو، ٻه چار لڙڪ هارجو

    شڪاپور جي حيثيت سنڌ ۾ ڪنهن وقت سدائين مٿي رهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ هن شهر جو وڏو اوج هو. ثقافتي ۽ تمدن ۾ هي شهر زور هو. شڪارپور ۾ اڄ به ٺهيل عمارتن، اسڪولن ۽ ڪاليجن کي ڏسندي هن شهر جو اڳيون اوج ياد ٿو اچي وڃي. شهيد الله بخش سومرو، شيخ اياز، هن شهر جي سڃاڻپ رهيا آهن. ورهاڱي کانپوءِ شڪارپور جهڙو شهر ڀڙڀانگ ٿي ويو. شهر جي ملير چوڪ هاڻي در کان اولهندي ۾ پنج پير قبرستان واقع آهي. ان ۾ سنڌ جي هڪ عظيم هستي ابدي آرام ۾ آهي. پنج پير ڀرواري پاڙي جو به نالو آهي. اڄ به اتان لنگهندي، سنڌ جي ان نامور شخص جي ياد ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن کي ايندي هجي يا نه. پر سنڌ جي تاريخ جو اهو انتهائي اوچو ۽ متبرڪ نالو آهي.
    ۽ هاڻ هن جي وفات کي 70 ورهيه لنگي ويا آهن. زمانو بدلجي ويو. زماني جا دستور بدلجي ويا. اڄ ته هو ڪنهن کي ياد به ڪونهي. پر ڇا ياد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن زماني ۾ جتي ڳالهه رڳو پئسن جي هلي ٿي. اصولن کي ڪير ڄاڻي به نٿو. سڃاڻي به نٿو. اصولن لاءِ اقتدار کي ڇڏڻ ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي .اها اڄ جي اقتدار پرستن کي جيڪر ويهي سمجهائجي ته ٿي سگهي ٿو اهي ڳالهه سمجهي وڃن. باقي ٻين کي ڪهڙي خبر. خود اسان سڀني کي ڪهڙي خبر ته اڄ کان 80 ورهيه اڳ سنڌ جي پلانيءَ لاءِ سوچڻ سچ پچ ته وڏي ڳالهه هئي. سنڌ جي مستقبل لاءِ ايڏي وڏي ۽ ڏور سوچڻ، شاهه لطيف چواڻي:
    سج سڀاڻي جا ڪري سائي سامي روءَ.
    سج سڀاڻي ڇا ڪيو، اهو شهيد الله بخش سومرو، 1940ع ۾ نئين دهليءَ ۾ ٿيل آزاد هنڌ مسلم ڪانفرنس ۾ پنهنجي صدارت خطبي ۾ چئي ويو هو. شهيد جو اهو تاريخي خطبو، دهليءَ جي هوائن ۾، فضائن ۾، تاريخ جي ڪنهن اونداهي ڪنڊ ۾، ڪلڪتي جي پراڻي انگريزي اخبار اسٽيٽسمين جي 73 ورهيه پراڻي فائيل ۾ موجود هوندو. ڪنهن کي لاچار پيو آهي ته ويهي ان کي ڳولي ڪنهن کي ايترو وقت آهي ۽ سچ پچ اهي عجيب ماڻهو هئا. سنڌ ورلي ئي اهڙن ماڻهن کي شايد ڄڻي سگهي. سنڌ جو ٻه ڀيرا وزيراعليٰ (ان وقت سنڌ، پنجاب ۽ بنگال جي وڏي وزيرن کي پرائم منسٽر چيو ويندو هو!) ٿيندڙ شخص نه هن جي سرڪاري ڪار تي ڪڏهن جهنڊو جهوليو، نه رستو روڪي کيس لنگهايو ويو، نه ڪراچيءَ ۾ پنهنجي جاءِ خريد ڪري سگهيو، نه طمع جي لالچ، نه وري ڪنهن انعام جي طمع ۽ خواهش، سنڌي غڙيبن لاءِ سدائين سوچيندڙ، ريل جي به سدائين ٿرڊ ڪلاس دٻي ۾ سفر ڪندڙ، آخرڪار اهي ڪهڙا ماڻهو هئا؟ اڄ ته وزيرن ڪبيرن، وٽ ڪروڙين بلڪه اربين رپيا گڏ آهن. اڳوڻن وڏن وزيرن وٽ ڊفينس سوسائٽي ۾ وڏ بنگلا هوندا آهن. وڏي وزيرن جي سيڪريٽرين وٽ اربين رپين جو مال آهي. ويهه ويهه ڪاريون درن تي آهن. پر ٻه ڀيرا سنڌ جو وزيراعليٰ رهندڙ شهيد الله بخش سومري جڏهن 1942ع جي ڪئيٽ انڊيا تحريڪ جي حمايت ۾ پنهنجا سرڪاري خطاب ۽ القاب واپس ڪيا ته سنڌ جي انگريز گورنر کيس ڊسمس ڪري ڇڏيو. وري وڃي شڪارپور وسايائين. 14 مئي 1943ع تي کيس ٽانگي ۾ ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. اوهين پاڻ تصور ڪريو. هڪ اڳواڻ چيف منسٽر، ٽانگي ۾ ويندي ماريو وڃي! خدا جي پناهه، ڪهڙا ويهي حال ڪجن. ڪهڙو ويهي داستان بيان ڪجي. اڄ جي دور ۾ ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو، شهيد الله بخش هن دنيا جو، هن جهان جو ماڻهو ڪونه هو. سنڌ 1937ع ۾ بمبئي کان آزاد ٿي. 1937ع کان وٺي 1947ع ۽ 1947ع کان وٺي 1955ع ۽ 1970ع کان وٺي 2013ع تائين ڪيترا وڏا وزير آيا ۽ هليا ويا، پر هو صاحب پنهنجي همعصرن ۾ مختلف هو. هن صاحب وڏ وزارت جي سطحي اعزازن، مال ڪمائڻ ۽ نمائشي رخن کان پاسو ڪيو. هڪ ڀيري علي نواز وفائي مرحوم مون کي ٻڌايو هو ته شهيد الله بخش جي دور ۾ وزيراعليٰ هائوس (موجود هاڊلي هائوس ۽ قصر ناز ڪراچي) تي ڪڏهن به ڪو پوليس گارڊ نه بيٺو. نه وري ڪڏهن زندگيءَ ۾ گارڊ آف آنر ورتائين. نه وري اڳواٽ حڪم جاري ڪري يا پروگرام ڪڍي، دورا ڪيائين، نه ڪڏهن سندس اعزاز ۾ سرڪاري يا ذاتي ڊنر ٿي، نه وري ميونسيپل طرفان ڪو سپاسنامو قبول ڪيائين. تمام سادو ماڻهو ڪنهن وٽ ڪم پيس ته پاڻ هلي ويندو، سندس وزارت اعليٰ دوران، پاڻ وڏي ڪوشش ڪري، 24 سالن کان جلا وطنيءَ جي زندگي گذاريندڙ مولانا عبيدالله سنڌي کي وطن آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. جڏهن 1938ع ۾ اهو پوڙهو انقلابي، پاڻيءَ جي جهاز ۾ جده کان چڙهي اچي ڪراچي پهتو ته سندس استقبال لاءِ، آجيان اڳيان هو؟ اهو شخص هو، اهو شهيد الله بخش سومرو. نه ڪنهن انگريز جو ڊپ ۽ نه وري ڪو خوف ۽ خطرو. بلڪه ٻئي ڏينهن پنهنجي رهائش گاهه تي مولانا سنڌي جي اعزاز ۾ هڪ شاندار دعوت ڪيائين. چون ٿا ته جڏهن وفات ڪيائين ته پاڻ قرضي هو، سندس نه دور ۾ سنڌ اندر درٻارين جو پراڻو راڄ ختم ڪيو ويو. اصل ۾ انگريزن ڇا ڪيو هو، جو گورنر يا ڪمشنر سنڌ، جڏهن ضلعي جي دوري تي ويندو هو ته علائقي جي وڏيرن کي گهرائيندو هو. هر طرح جي وڏيرن کي درٻار ۾ ڪرسيءَ جو پروانو مليل هوندو هو. يا وري جن کي نه مليل هوندو هو، اهي اُڀي پيرين بيهي انگريز بادشاهه کي يا سندس عيوضيءَ کي سلامي ڪندا هئا. پاڻ، سنڌ اندر سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيائين، وڏيرن کي اسپيشل ميجسٽريٽ جا پاور مليل هوندا هئا. جيڪي هن پاڻ رد ڪري ڇڏبا، ضلعي ڪائونسلن (لوڪل بورڊ) ۽ ميونسپل مان سرڪاري ٿاڦيل ميمبرن کي ختم ڪري ڇڏيائين.
    هڪ ڀيري مشهور سنڌي اديب غلام رباني اگري وٽ شهيد الله بخش سومرو جي پٽ رحيم بخش سومري مرحوم سان تفصيلي ملاقات ٿي هئي، کانئس پڇيم سومرا صاحب شهيد الله بخش سومري جي يادگيري ۾ ڪجهه ٿيڻ گهرجي کلي چوڻ لڳو، ”زورآور ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين، اهو سوال وري مون کان ٿو پڇين؟ پهريون اهو نه ٻڌاءِ، الله بخش کي ايئن ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو، ٿيو ڪو داد فرياد؟ ٻيلي اهي ڳالهيون اسان سان نه ڪندا ڪريو! اسان جي اندر ۾ اڃا به گهاو آهن. اسان ته مرحوم جو اهو سندس ئي رت سان ڳاڙهو پهراڻ به سنڀالي رکيو آهي. پر بابا ڇڏ انهن ڳالهين کي“
    سندس ڪاوڙ ۾ چيل انهيءَ ڳالهه مون کي به چپ ڪرائي ڇڏيو. سچ پچ، شهيد الله بخش سومري جي زندگيءَ بابت ڪنهن تفصيل سان، ريسرچ سان، لکيو ئي ڪونهي. هو شايد سنڌ جو شروعاتي سيڪيولر سياستدان هو، جنهن برملا 1940ع واري پنهنجي خطاب ۾ چئي ڏنو هو ته سنڌ کي هندستان جي سياست کان جدا ٿي پنهنجو رستو وٺڻ گهرجي. سنڌ، جيڪا ذهن ۾ سيڪيولر آهي، سندس لوڪ ڪٿائن جون هيروئنون مسلمان نه هندو آهن. ننڍي کنڊ ۾ سيڪيولر ذهن جو مالڪ سنڌي آهي!
    شهيد الله بخش، ان وقت پهريون شخص هو، جنهن اهو چيو هو ته ”سنڌ جي تقدير ۾ پير ۽ وڏيرا لڳل آهن، جن جو ڪم ۽ پيدائشي حق آهي ته وزارت ماڻن ۽ حڪومت ڪن! ۽ ان کانسواءِ ڪامورا آهن، جن جو ڪم آهي، مسلمان جي نالي ۾ ترقيون وٺڻ (هاڻ سنڌ جي نالي ۾) ۽ فقط پنهنجو پيٽ ڀرڻ، انهن جي ڀيٽ ۾ آهن انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا لکين سنڌي ڳوٺاڻا، جن لاءِ اها ئي سعادت ڪافي آهي ته سندن وڏيرن ۽ پيرن جو پاڇو قائم ۽ دائم رهندو آهي. سنڌ ۾ سياسي پارٽي هرگز ٺهڻ نه ڏيندا جو هو سمجهن ٿا ته ان سان عام ماڻهو جاڳي پوندو.“
    پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته ”سندس نظريو اهو هو ته مذهب جي بنياد تي ملڪي ورهاڱي سبب وڏا ڏڦيڙ پوندا. سياست اندر مذهب جي ڪار فرمائي، مجموعي طور تي ۽ نتيجي جي اعتبار کان، نيٺ هڪ ڏينهن نقصانڪار ثابت ٿيندي ۽ ممڪن آهي ته ماڻهوءَ کي ڪنهن منزل تي رسي، خود مذهب کان بيزار ٿيڻو پوي. تنهن ڪري سياست جو بنياد مذهب تي نه پر تنها اقتصاديات تي هئڻ گهرجي“
    ملاحضه فرمايو. اها ڳالهه 80 ورهيه پراڻي آهي ۽ اها ڳالهه مرحوم پير علي محمد راشدي 1967ع ۾ لکي هئي. ڪيڏو نه وقت لنگهي ويو آهي. پر پاڪستان جون هاڻوُڪيون حالتون ڏسندي شهيد جي ڳالهه جهڙوڪر سورنهن آنا سچ ثابت ٿي آهي. هڪ ڀيرو حيدرآباد کان مرحوم محمد امين کوسي جي تعزيت تان موٽيس. سائين جي ايم سيد شڪارپور آيو. ارباب نور محمد پليجو ۽ آئون به ساڻن گڏ هيس. شڪارپور ۾ شهيد الله بخش جي مزار تي سائين فاتحه پڙهي. ان مهل ڏٺم ته سائين جي اکين ۾ ڳوڙها ها. دراصل مرحوم محمد امين کوسي وٽان، سندس ڀاءُ نظام الدين کوسي سان ڀاڪر پائي موڪلائن مهل سائين جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا. ان وقت مون کين ڏاڍو غمگين ڏٺو هو. ان مهل پچڻ جي همت نه ٿي، رات جو عرض ڪيم سائين توهان اڄ ڏاڍا ڏکارا ٿي ويا؟ چوڻ لڳو، ”ميان مدد علي، شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو سچو پچو شهيد هو، سندس چوڻ تي هلون ها ته اڄ سنڌ ڏکيا ڏينهن هرگز نه ڏسي ها. محمد امين به شهيد الهه بخش جو سچو ساٿي هو!“.
    ايئن چئي شاهه صاحب پنهنجا ٻئي هٿ مٿي تي پويان رکي، ڪنهن اونهي سوچ ۾ هليو ويو هو. بهرحال ڳالهه ڪٿان جي ڪٿان وڃي پهتي. جيئن مٿي ذڪر ڪيم، شهيد الله بخش سومرو، توڙي اهڙا ڪجهه ماڻهو ماضيءَ جو سونهري خواب هئا. خواب جيڪي خوبصورت هوندا آهن. رنگين هوندا آهن. پر انهن جي ساڀيان ائين ٿيندي آهي.جيئن سنڌ جي خوابن جي ساڀيان ٿي آهي. سنڌ اڄ به سورن ۾ آهي، ووٽ اڄ به وڏن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي، ٻهراڙين ۾ انگ اگهاڙن ۽ ڀيٽ بکين ماڻهن جو حال اهو ئي ساڳيو آهي. نه رستا آهن نه بجلي آهي، نه اسڪول آهن، نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي، نه وري ڪي ٻيون بنيادي سهوليتون موجود آهن. مون ڪجهه وقت اڳ لکيو هو ته اسان لوئر، مڊل ڪلاس جي سنڌ ٻي آهي ميڊيا جي سنڌ ٻي آهي ۽ عام ماڻهوءَ جي سنڌ ٻي آهي. اين جي اوز جا ماڻهو لکين رپين جي گاڏين ۾ گهمن ٿا، پر سنڌ جون ٻهراڙيون اڄ به جهالت جي اونداهه ۾ گم آهن. ڪنهن کي دانهن ڏجي ڪنهن سان ويهي فرياد ڪجي. اهي نمايان اهل هوس پاڻ منصف آهن، ته مدعي به ۽ پاڻ فريادي به پاڻ، ڪنهن کي وڪيل ڪريون ۽ ڪنهن کان ويهي انصاف طلب ڪريون!
    مقصد اهو ته ان سموري ڳالهه جي پويان هروڀرو ڪابه مايوسي ڪونهي. پر حالتون ڏسندي اندر ٿو ٻري. چون ٿا ته زنده قومون ۽ انهن جا اڳواڻ حال ۾ نه جيئندا آهن. بلڪه اهي مستقبل ۾ زنده رهندا آهن. ڇا اسان کي پنهنجا ماضيءَ جا اهي شاندار رهنما ۽ امير ياد آهن، گهڻا سال اڳ، ڪراچيءَ جي مهوٽا محل ۾ سنڌ جي تاريخ بابت هڪ نمائش لڳي هئي، ان ۾ طرحين طرحين جو سامان محترم عبدالحميد آخوند، ۽ محترم حميد هارون آڻي رکيو هو. ان ۾ سامان ۾ گهڻو ڪجهه هو پر ٻه شيون مون کان نٿيون وسرن، هڪڙو شهيد الله بخش سومري جو اڇو ململ وارو رت جي داغن وارو پهراڻ ۽ ٻيو هڪ مجسمو بنا سر جي، چولو ته مون سڃاتو، پر اهو مجسمو به سڃاڻي ورتم، جيڪو ڪراچيءَ جي مئير بيرسٽر هرچندراءِ وشنداس جو هو. اڄ اهي ٻئي هن جهان ۾ ڪونهن. پر جي سنڌ جو شاندار ماضي هئا. سنڌ جي سونهري دور جا اهڃاڻ هئا. اڄ هن دور ۾ اسان هُنن کي ياد ڪريون ته به اها وڏي ڳالهه آهي. شهيد الله بخش 43 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو اهو تاريخي ريڪارڊ ٺاهي ويو، جو هندستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال نه ملندو. (جنم 1900، شهادت 14 مئي 1943) 23 سالن جي ڄمار ۾ هو جيڪب آباد ميونسپل جو صدر ٿيو. 1926ع ۾ خانبهادر جان محمد پٺاڻ کي شڪست ڏئي، وڃي بمبئي ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. جنوري 1937ع ۾ هن سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ سنڌ اتحاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. سر غلام حسين هدايت الله سنڌ جو پهريون وزيراعليٰ چونڊجي ويو. پر 23 مارچ 1938ع تي هو سنڌ جو ٻيو وزيراعليٰ ٿي ميدان تي آيو. 18 مارچ 1940ع تي سندس وزارت مسجد منزل گاهه جي سوال تي ختم ٿي وئي ۽ ميربنده علي خان ٽالپر جي وزارت اعليٰ مس هڪ سال هلي سگهي. 17 مارچ 1941ع تي شهيد الله بخش سنڌ جو ٻيهر وزيراعليٰ ٿي ويو. 1942ع ۾ گانڌيءَ ڪانگريسين سان انڊيا ڇڏيو جي تحريڪ شروع ڪئي، شهيد الله بخش، خانبهادر ۽ ٻيا انگريزن جا لقب واپس ڪري ڇڏيا. اها تمام وڏي ڳالهه ئي. انگريز سلطنت ۾ لوڏو آيو. آخر سنڌ جي گورنر ”ڊو“ وائسراءِ جي حڪم تي 14 آڪٽوبر 1942ع تي سندس وزارت ختم ڪري ڇڏي. جڏهن ته ايوان ۾ کيس وڏي اڪثريت حاصل هئي. 14 مئي 1943ع تي کيس شڪارپور ۾ ٽانگي تي ويندي شهيد ڪيو ويو. اڄ هو شڪارپور جي پنج پير قبرستان اندر سنڌ ڌرتيءَ ۾ ابدي ننڊ ۾ ستل آهي. شايد آسمان تان اڄ به پنهنجي وطن جي حالتن کي ڏسندي ڪجهه ضرور سوچيندو هوندو. رهي نالو الله جو.
    مدد علي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    شهيد الله بخش سومرو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڪردار۔۔۔مون کي هن ليک مان هيٺيون لائنون تمام گهڻيون پسند آيون۔۔

    • هن جي سرڪاري ڪار تي نه ڪڏهن جهنڊو جهوليو، نه رستو روڪي کيس لنگهايو ويو، نه ڪراچيءَ ۾ پنهنجي جاءِ خريد ڪري سگهيو، نه طمع جي لالچ، نه وري ڪنهن انعام جي طمع ۽ خواهش، سنڌي غريبن لاءِ سدائين سوچيندڙ، ريل جي به سدائين ٿرڊ ڪلاس دٻي ۾ سفر ڪندڙ، آخرڪار اهي ڪهڙا ماڻهو هئا؟
    • هڪ اڳواڻ چيف منسٽر، ٽانگي ۾ ويندي ماريو وڃي!
    • شهيد الله بخش، ان وقت پهريون شخص هو، جنهن اهو چيو هو ته ”سنڌ جي تقدير ۾ پير ۽ وڏيرا لڳل آهن، جن جو ڪم ۽ پيدائشي حق آهي ته وزارت ماڻن ۽ حڪومت ڪن! ۽ ان کانسواءِ ڪامورا آهن، جن جو ڪم آهي، مسلمان جي نالي ۾ ترقيون وٺڻ (هاڻ سنڌ جي نالي ۾) ۽ فقط پنهنجو پيٽ ڀرڻ، انهن جي ڀيٽ ۾ آهن انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا لکين سنڌي ڳوٺاڻا، جن لاءِ اها ئي سعادت ڪافي آهي ته سندن وڏيرن ۽ پيرن جو پاڇو قائم ۽ دائم رهندو آهي. سنڌ ۾ سياسي پارٽي هرگز ٺهڻ نه ڏيندا جو هو سمجهن ٿا ته ان سان عام ماڻهو جاڳي پوندو.“
    • مذهب جي بنياد تي ملڪي ورهاڱي سبب وڏا ڏڦيڙ پوندا. سياست اندر مذهب جي ڪار فرمائي، مجموعي طور تي ۽ نتيجي جي اعتبار کان، نيٺ هڪ ڏينهن نقصانڪار ثابت ٿيندي ۽ ممڪن آهي ته ماڻهوءَ کي ڪنهن منزل تي رسي، خود مذهب کان بيزار ٿيڻو پوي. تنهن ڪري سياست جو بنياد مذهب تي نه پر تنها اقتصاديات تي هئڻ گهرجي۔
    • سنڌ اڄ به سورن ۾ آهي، ووٽ اڄ به وڏن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي، ٻهراڙين ۾ انگ اگهاڙن ۽ ڀيٽ بکين ماڻهن جو حال اهو ئي ساڳيو آهي. نه رستا آهن نه بجلي آهي، نه اسڪول آهن، نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي، نه وري ڪي ٻيون بنيادي سهوليتون موجود آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جو سورمو، سنڌ جو هيرو ۔۔۔۔۔ جنهن سنڌ ڌرتيءٰ سان سدائين وفا ڪئي ۔۔۔۔۔ هو جيڪو انگريزن جي سخت مخالفت باوجود اقتدار ۾ هوندي مولانا عبيدالله سنڌي جو استقبال ڪرڻ ويو ۔۔۔۔

    اسان کيس سدائين ياد رکنداسين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو