الله پاڪ ٻاجهاري جا هونئن ته ڪروڙين ڪرم روز ٿيندا آهن مون گنهگار تي، پر الله پاڪ بروز جمع تي بتاريخ 17-05-2013 تي پنهنجي رحمت سان نوازيو آهي ۽ مونکي نياڻي جي اولاد عطا ڪئي آهي.. ڪروڙين احسان ان پالڻهار ڌڻي ٻاجهاري جا...منهنجو ۽ منهنجي آل اولاد جو سِر هميشه ان بارگاهه اقدس ۾ سجدي ۾ رهي ۽ ان جي حبيب مٺي مُرسل صلي الله عليه وسلم جي محبت ۽ عشق ۾ سر شار رهي.. آمين 2641 اٽيچمينٽ ڏسو منهنجي اکڙين جو تارو 2642 اٽيچمينٽ ڏسو منهنجي ضوفشان منظور۔۔جنهنجي معني آهي، روشني ڏيڻ واري۔۔
ادا منظور اوهان کي لک لک مبارڪون هجن ! الله تعالى ننڍڙي ضوفشان کي صحت ڪامله عطا فرماء ۽ نيڪ سيرت فرماء آمين
ماشاالله۔۔کوڙ ساريون مبارڪون هجن ادا منظور۔۔۔ بيشڪ الله پاڪ جي رحمتن مان هڪ رحمت نياڻي به آهي۔منهنجو ذاتي تجربو آهي،نياڻي جي اچڻ سان رزق ۾ برڪت ٿيي ٿي۔مصيبتون ٽري وڃن ٿيون۔ الله پاڪ نياڻين جون دعائون قبول ڪندو آهي۔
خير مبارڪون، خير مبارڪون۔۔بس سڄڻن جون دعائون کپن ۽ ان مالڪ پالڻهار جا ڪروڙين احسان آهن۔۔نياڻي جي اچڻ سان واقعي منهنجي رزق ۾ اڳي کان واڌارو ٿيو آهي، جيڪو الله پاڪ جو وڏو ڪرم آهي، بس هفتي کن جي ڳالهه آهي منهنجي پگهار ۾ واڌرو ٿيو آهي، جيڪا منهنجي لا الله جي وڏي نعمت آهي۔۔الله پاڪ منهنجي نياڻي جي حق ۾ بهتري عطا ڪري۔ آمين۔
ڀاء منظور اوهان کي لکين مبارڪون ۔۔۔۔نياڻي رحمت آهي۔ دعا آهي ته رب پاڪ اوهان جي ننڍڙي کي وڏي حياتي عطا ڪري ۽ کيس نيڪ بڻائي۔۔۔۔ آمين