• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

الله جي رحمت۔۔۔ ضوفشان منظور

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
الله پاڪ ٻاجهاري جا هونئن ته ڪروڙين ڪرم روز ٿيندا آهن مون گنهگار تي، پر الله پاڪ بروز جمع تي بتاريخ 17-05-2013 تي پنهنجي رحمت سان نوازيو آهي ۽ مونکي نياڻي جي اولاد عطا ڪئي آهي.. ڪروڙين احسان ان پالڻهار ڌڻي ٻاجهاري جا...منهنجو ۽ منهنجي آل اولاد جو سِر هميشه ان بارگاهه اقدس ۾ سجدي ۾ رهي ۽ ان جي حبيب مٺي مُرسل صلي الله عليه وسلم جي محبت ۽ عشق ۾ سر شار رهي.. آمين

منهنجي اکڙين جو تارو​
منهنجي ضوفشان منظور۔۔جنهنجي معني آهي، روشني ڏيڻ واري۔۔​
 
ماشاالله۔۔کوڙ ساريون مبارڪون هجن ادا منظور۔۔۔:)
بيشڪ الله پاڪ جي رحمتن مان هڪ رحمت نياڻي به آهي۔منهنجو ذاتي تجربو آهي،نياڻي جي اچڻ سان رزق ۾ برڪت ٿيي ٿي۔مصيبتون ٽري وڃن ٿيون۔ الله پاڪ نياڻين جون دعائون قبول ڪندو آهي۔
 
خير مبارڪون، خير مبارڪون۔۔بس سڄڻن جون دعائون کپن ۽ ان مالڪ پالڻهار جا ڪروڙين احسان آهن۔۔نياڻي جي اچڻ سان واقعي منهنجي رزق ۾ اڳي کان واڌارو ٿيو آهي، جيڪو الله پاڪ جو وڏو ڪرم آهي، بس هفتي کن جي ڳالهه آهي منهنجي پگهار ۾ واڌرو ٿيو آهي، جيڪا منهنجي لا الله جي وڏي نعمت آهي۔۔الله پاڪ منهنجي نياڻي جي حق ۾ بهتري عطا ڪري۔ آمين۔
 
ڀاء منظور اوهان کي لکين مبارڪون ۔۔۔۔نياڻي رحمت آهي۔​
دعا آهي ته رب پاڪ اوهان جي ننڍڙي کي وڏي حياتي عطا ڪري ۽ کيس نيڪ بڻائي۔۔۔۔ آمين​
 
Back
Top