شاه عبدالطيف

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ مير جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2013۔

  1. مير جمالي

    مير جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪراچي
    ”تعليم شاه عبداللطيف جي نظر ۾“​
    [​IMG]
    تعارف؛ شاه صاحب پنهنجي الهامي ڪلام ذريعي سنڌ جي اٻوجھ عوام کي هڪ استاد، رهبر ۽ رهنمائي ٿي سبق سيکاريا ۽ پڙهايا آهن. استاد اهو باڪمال چئبو جيڪو نفسيات جو ماهر ۽ ڄاڻو هجي، شاه صاحب پنهنجي وسيح نظر ۽ عالما انداز ۾ عوام جي اندر جو آواز بنجي ماڻهن جي جيڪا رهبري ۽ رهنمائي فرمائي آهي ان جو مثال دنيا ۾ گھٽ ملندو. شاهه صاحب جي تعليم جو فلسفو الله تعاليٰ ۽ سندس حبيب رسول صه جي محبت جي حصول سان گڏ انسان جي اندر کي منور ڪرڻ آهي، شاه صاحب سڀ کان اول نڪتو آهي ”پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ“ شاه صاحب فرمائن ٿا.
    جه مون پڙهو پاڻ ليئي، سبق سابق جو،
    پهرين سڃاتم پاهنجي، تفس جو نهو .
    شاه صاحب فرمائن ٿا تون جئين جئين تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌندي وڃين تئين انهي تعليم تي عمل به ڪر، ڇاڪاڻ علم عمل کان بيڪار آهي، شاه صاحب فرمائن ٿا؛ جئين ورق ورائين، تئين تئين ڏٺو ڏوهه،
    ته ڪرڻي ڪيو ڪوهه،جي رهڻي رهيو نه سپرين
    علم جي اهميت؛ از روءِ اسلام،علم نور (روشني) آهي،قرآن پاڪ ۾ جهالت کي ظلمات ۽ علم کي روشني ۽ نور سڏيو آهي.شاهه صاحب علم يعني نور ۽ عالم يعني حق تي هلڻ ۽ علم کي سمجهڻ واري سالڪ جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ڪيو آهي.
    هيڪائي هيڪ ٿيا ، احد سين عالم ،
    بي بها بالم ، آگي ڪيا اڳهين.
    شاه صاحب جي نظر ۾ اهو علم سچو نه آهي جو رڳو ڪتابن جي مطالعي تائين محدود هجي ۽ جن ۾ معرفت ، فڪر ۽ سوچ ويچار پيدا نه ٿئي. صحيح تعليم ته اهائي آهي جا انسان جي اندر جي لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪري، ان ۾ اها فڪري ۽ تدبيري قوت پيدا ڪري، جنهن سان حقيقت شناس ٿجي ۽ کري کوٽي جي پوک ٿئي شاهه صاحب فرمائن ٿا.
    ظاهر ۾ زاني، فڪر منجهن فنا ٿيا ،
    تنين کي تعليم جي، ڪڙهه اندر ڪاني،
    حرف حقاني، دور ڪيائون دل ۾ ،
    علم سکڻ جو مقصد ؛- تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد اهوئي آهي ته انسان ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد سمجهي ۽ سڃاڻي،انسان ”الستي قول“ کي وساري ويٺو آهي حقيقت ۾ رب اهو آهي، جو پيدا ڪندڙ، پاليندڙ، سهارو ڏيندڙ، رهبري ۽ رهنمائي ڪري تربيت ڪندڙ آهي. هن وقت انسان سندس حڪم کي وساري پنهنجي زندگي جي حقيقي مقصد کي وساري ويٺو آهي.
    وسريو م سبق ، پهرين سٽ نه سنڀران ،
    اڃا هي ”ورق ، هئي مطالع نه ٿيو .
    شاه صاحب فرمائين ٿا علم هڪ طاقت خزانو آهي جنهن کي ڪير به چورائي نه ٿو سگهي، سو توکي، اهڙو وکر حاصل ڪرڻ گهرجي جو پراڻو نه ٿئي، اهو وکر علم جي وسيلي عملن جو آهي.
    وکر سو وهاءِ ، جو پئي پراڻو نه ٿئي ،
    ويچندي ولايت ۾، درد ٿئي نه ضياءِ ،
    سا ڪاهڙ هلاءِ ، آڳهـ جنهن جي اُ بهين .
    علم جا فائدا ؛- علم جي ڪري زندگي جي حقيقي رستن جي پروڙ پوي ٿي. ڇو ته علم جو حصول، رهبر رهنما کانسواءِ ناممڪن آهي، علم حاصل ڪرڻ جو فائدو به تڏهن ٿيندو، جڏهن استاد رهبر يا رهنما، ڪامل هوندو. شاه جي نظر ۾ رهبر ۽ رهنما الله تعاليٰ جي ذات کان مٿي ٻيو آهي ئي ڪونه پوءِ ڇو نه ان کان رهنمائي وٺجي جو انسان جي مان ۽ شان ۽ عزت کي سمجهي ٿو، حقيقت جي آئيني ۾ جڏهن نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته اڄ تائين جيڪي به ڪامل انسان علم جي سمنڊ مان موتي ميڙي، اندر اجاري، توڪل جو ترهو ٻڌي گهڙيا آهن، انهن رب کي پنهنجي رهنما بنايو، جيڪو عزت ۽ ذلت جو مالڪ آهي، جيئن شاه صاحب فرمايو آهي؛-
    سوئي راهه رد کي، سوئي رهنما ،
    و تغر من تشآءُ ، و تعذل من تَشآءُ.
    [​IMG]
    فون نمبر 03073136074
    نالو/مير محمد جمالي
    اي ميل/jamali14@yahoo.com
    ڳوٺ/پنهون ڄام جمالي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان ۾ ڪوبه شق ناهي ته لطيف سائين ئي اسان جو پسنديده شاعر آهي
    نـاسـيـندي نــگـاهہ، پهـريـن ڪـج پريـن ڏي،
    احـوال عـاجـزن جـا آکـج لـڳ الله،
    روز نهـاريـن راه، اکيـون اوهـان جـي آسـري.

    "شـاه عبـدالـطـيـف ڀٽائـي رح"‎

    At the hour of morning's uprising first thy glance on Beloved hand
    For Allah's sake, speak thus in his ear of our love-sick sorrow-ful plight
    Beloved! On thee are our trusting eyes set every day without end
    "Shah Abdul Latif Bhittai"
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا زبردست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    واهه واهه تمام بهترين ليک۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو