سرفروشي جي تمنا ... سنڌ جي شهيدن کي ڀيٽا

نثارابڙو

نائب منتظم
سنڌ جي شهيدن کي ڀيٽا ...

سرفروشي جي تمنا هاڻ پنهنجي دل ۾ آ،
ڏسجي زور ڪيترو قاتل جي ٻانهنِ ۾ آ.​
575400_10151601623278948_84778202_n.jpg

دوستو! اردو نظم سرفروشي ڪي تمنا“ جيڪو هندستان جي آزاديءَ جي ڏهاڙن ۾ هندستان جي آزادي پسندن لاءِ ڏاهي شاعر رام پرساد بسمل لکيو هو ... هن نظم آزاديءَ جي متوالن کي جنون ۾ رکيو ۽ هر آزادي پسند نوجوان جو ترانو ٿي ويو هو ... اڄ به هن نظم کي پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ آزادي پسندن ۽ انقلابي نوجوانن کي گرمائي ڇڏي ٿو.

حاضر آهي ان نظم جو سنڌي نسخو؛ شاعر ته ناهيان جو تور تڪ ڪري سگهان پر جذبن جو اظهار آهي سو ڪري ٿو ڇڏيان، ۽ ڀيٽا پيش ڪريانٿو سڀني سنڌ جي شهيدن کي.

سرفروشي جي تمنا هاڻ پنهنجي دل ۾ آ،
ڏسجي زور ڪيترو قاتل جي ٻانهن ۾ آ.

ڇو نه ڪري ٿو ڪو ٻيو، ڪا ڳالهه ٻولهه،
ڏسانٿو جنهن کي، اهو چپ تنهنجي محفل ۾ آ
اي شهيد! ديس ۽ قوم جا، مان توتان نثار،
هاڻ تنهنجو چرچو غيرن جي محفل ۾ آ،

سرفروشي جي تمنا هاڻ پنهنجي دل ۾ آ.

وقت اچڻ ڏي، ٻڌائينداسون توکي اي آسمان،
پاڻ هاڻي کان ڇا ٻڌايون، ته ڇا پنهنجي دل ۾ آ،
ڇڪي آئي آهي سڀني کي شهادت جي اميد،
عاشقن جو اڄ ٿيو ميڙ، قاتل جي پاڙي ۾ آ،

سرفروشي جي تمنا هاڻ پنهنجي دل ۾ آ.

هٿيار کڻي، تاڪ ۾ ويٺو آهي دشمن هُتي،
۽ اسين به تيار ٿي، کولي ويٺا آهيون سينا هِتي،
رت جي کيڏون هولي، جي آيو وطن مشڪل ۾ آ

سرفروشي جي تمنا هاڻ پنهنجي دل ۾ آ.

جن هٿن ۾ هجي جنون سي ڪٽبا ناهن تلوار سان،
سر اٿي پوندا آهن جي، جهڪندا ناهن للڪار سان،
۽ ڀڙڪي پوندي جا جوت، سا اسانجي دل ۾ آ،

سرفروشي جي تمنا هاڻ پنهنجي دل ۾ آ.

اسين نڪتا ئي هياسون گهر کان سر تي ٻڌي ڪفن،
جان ترين تي رکي، ڏس وٺي هليا آهن قدم،
زندگي ته پنهنجي مهمان موت جي محفل ۾ آ،

سرفروشي جي تمنا هاڻ پنهنجي دل ۾ آ.

مقتل ۾ بيهي چوي ٿو هي قاتل هر هر،
ڇا شهادت جي سڪ ڪنهنجي دل ۾ آ،
دل ۾ طوفانن جي پيهه ۽ رڳن ۾ انقلاب،
هوش ويرين جا گم ڪبا، روڪيو نه اسانکي اڄ،
پري رهي سگهي جا پاڻکان، دم ايترو ڪٿي منزل ۾ آ

سرفروشي جي تمنا هاڻ پنهنجي دل ۾ آ.

جسم اهو ڇا جسم، جنهن ۾ ناهي جنون جي رت،
طوفانن سان مقابلو ڇا ڪندي، ٻيڙي جا ڪناري تي آ،

سرفروشي جي تمنا هاڻ پنهنجي دل ۾ آ،
ڏسجي زور ڪيترو قاتل جي ٻانهن ۾ آ۔​
وڊيو جو اردو هجڻ تي معذرت​
 
مئي جو مهينو به سنڌ جي شهيدن جو مهينو آهي ۔۔۔۔۔۔ مظفر ڀٽو، شهيد غزالا ۽ هاڻي قاسم چانڊيو ۔۔۔ بس سان شرمنده آهيون جو نه ته سندن قاتلن کان ڪو پلاند وٺي سگهياسين ۽ نه ئي شهيدن جي قرباني کي سجيو ڪري سگهياسين ۔۔۔۔ پوء به شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو ۔۔۔۔ هي قوم ڪڏهن ته هن رت جو پلاند ڪندي۔
 
Back
Top