چاچا عشق بلا آهي اها به ٻه منهن واري جي ڏنگي ته يا ماري يا کاري وڌيڪ وڏا آهيو اوهان بهتر ڄاڻو ٿا اسان کان
عشق کِلائي به ٿو، عشق روئاڙي به ٿو۔۔ عشق ڪهڙا ڪهڙا رنگ ڏيکاري ٿو۔۔۔ دولت آهي عشق، شهرت آهي عشق۔۔۔ حُسن جي بازار ۾ وڪامجي ٿو عشق۔۔ اظهار آهي عشق، انڪار آهي عشق۔۔۔ دل کي بيقرار به ڪري ٿو عشق۔۔۔ ديدار آهي عشق، انتظار آهي عشق۔۔ هر ڪو دعائن ۾ گهري ٿو عشق۔۔۔ ڪٿي آباد، ڪٿي برباد آهي عشق۔۔ موسم جيان بدلجي ٿو عشق۔۔۔ هر مند ر ۾ عشق، مسجد ۾ عشق۔۔۔ الله به پنهنجن بندن سان ڪري ٿو عشق۔۔۔ عشق جي چڻنگ کان بچائي پاڻ کي۔۔۔ رب جو قسم ڏاڍو تڙپائي ٿو عشق۔۔۔!!
عشق اصل نالو آهي سڃاڻپ جو،جنهن به شئي سان عشق هوندو آهي ان جي هر شئي کان واقفيت تمام ويجهو کان محسوس ڪئي ويندي آهي ،ان جي هر احساس هر جنبش جي ڄاڻ ملي ويندي آهي ،انسان جون پنهجون سڀ حَسون يڪ مُشت ان ڏانهن متوجهه هونديون آهن،پاڻ پنهجي احساسن کي فقط ان جي احساسن سان ئي ڀيٽيندو آهي،پنهجي زندگي جو هر لمحو ان سان منسوب ڪندو آهي،جڏهن به انسان جي اک عشق سان ڏسڻ لڳندي آهي ته دنيا جنهن تي هر ڪو ساه ٿو ڏئي ان کي بلڪل به ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندي آهي ،۽ اهيا دنيا فقط ان ڪري عاشقن جي دشمن ٿي ويندي آهي جو اهي سڀ شئي کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن، عشق ان ڳالهه جي گواهي آهي ته خدا جي تخليق ڪيڏي نه عظيم آهي جو انسان سڄي دنيا کان بيخبر ٿي به رهي سگهي ٿو، ان کي مجاز به چوندا آهن ،۽ ان کان پوء جڏهن حقيقي حسن پسندا آهن ته عاشق گهاڻي ۾ به پيڙيا ويندا آهن ته به نچندا ڪڏندا آهن،سولي به چاڙهيا ويندا آهن ته به کلندا ۽ مرڪندا آهن،