عشق کِلائي به ٿو، عشق روئاڙي به ٿو۔۔
عشق ڪهڙا ڪهڙا رنگ ڏيکاري ٿو۔۔۔
دولت آهي عشق، شهرت آهي عشق۔۔۔
حُسن جي بازار ۾ وڪامجي ٿو عشق۔۔
اظهار آهي عشق، انڪار آهي عشق۔۔۔
دل کي بيقرار به ڪري ٿو عشق۔۔۔
ديدار آهي عشق، انتظار آهي عشق۔۔
هر ڪو دعائن ۾ گهري ٿو عشق۔۔۔
ڪٿي آباد، ڪٿي برباد آهي عشق۔۔
موسم جيان بدلجي ٿو عشق۔۔۔
هر مند ر ۾ عشق، مسجد ۾ عشق۔۔۔
الله به پنهنجن بندن سان ڪري ٿو عشق۔۔۔
عشق جي چڻنگ کان بچائي پاڻ کي۔۔۔
رب جو قسم ڏاڍو تڙپائي ٿو عشق۔۔۔!!