ادا سائين بلڪل هي شخصيت سائين اياز عالم ابڙو صاحب ئي آهي پر مرحوم نه آهي، هن جو ثبوت اها تصوير پاڻ آهي جيڪا مان هڪ مهينو اڳ ۾ ڪڍي هئي سائين جن جون خدمتون سنڌي ادب لاءِ بي مثال آهن۔۔ هينئر به پاڻ شاهه صاحب جي ڪتاب تي مختلف زبانن ۾ ٿيل ڪم کي هڪ ڪتاب ۾ سيڙهي رهيو آهي۔۔ ۽ سائين فنِ خطاطي ۽ فن پارن جي ڊزائين ڪرڻ جو به بهترين ماهر آهي ۽ سائين جن جي اولاد ۾ سندس پٽ ارون ۽ ٻي سندس نياڻي به انهيءَ فن سان وابسطه آهن ۽ انهيءَ کي ڊجيٽل طريقي سان اڳتي وڌائڻ ۾ اڳتي آهن۔۔۔
هڪ ڳالهه نوٽ ڪريو ته سائين طارق عالم ابڙو جا 4 ڀائر آهن۔۔ اياز عالم ابڙو (مٿي ڏسيل) ، منصور عالم ابڙو (مرحوم)، دارا عالم ابڙو (جيڪو آمريڪا ۾ ڊاڪٽر آهي) ۽ ساقي عالم (جيڪو پڻ سنڌي ڊرامن جو هڪ نيچرل اداڪار رهيو آهي۔۔