نثارابڙو
نائب منتظم

چون ٿا ته سچل ڳوٺ ڪراچي ۽ قاسم آباد حيدرآباد, سنڌين جا مثالي ڳوٺ آهن، سنڌين جا قلعا آهن، جن ۾ سنڌ جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ سڄاڻ ماڻهون رهنٿا ... پر حالتون ٻڌائن ٿيون ته اهي ئي مثالي ڳوٺ گند ڪچري جا ڍير آهن ۽ سنڌي سڄاڻ ماڻهن انهن آبادين سان ڪهڙو رويو اختيار ڪيو آهي، اهو ٻڌي حيرت سان گڏ سنڌي ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري پسماندگيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
منهنجي هڪ ليک تي محترم اقبال ابڙو صاحب اجهو هيٺ ڏنل رايا قاسم آباد لاءِ ڏنا آهن، اها ساڳي حالت سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي به آهي، اهڙي حالت ڏسي ڇا اندازو لڳائجي ....؟؟؟ اوهان پاڻ انصاف ڪريو ۽ ٻڌايو ته ڇا اسين سنڌي پنهنجن شهرن، ڳوٺن ۽ آبادين جي ڪيتري حد تائين مالڪي ڪريون ٿا ۽ پنهنجا فرض ڪيئن نڀايون ٿا ....؟؟؟
شرم اچي يا نه پر ڏک جو احساس ضرور اڀري ٿو.
*************
اقبال ابڙي صاحب جا لفظ؛
پھرين اسان پنهنجي گھٽيءَ کي ته صاف رکڻ جي تڪليف ڪيون
اسان وٽ قاسم آباد حيدرآباد ۾ ته هر گھٽي، هر رستي تي گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن ان جو ڏوهاري ڪير؟ سڀ کان پهرين اسان پاڻ ، ان کا پوءِ ايڇ ڊي اي ۽ ان جا اهلڪار
چند علائقن کان سواءِ (جن ۾ ايڇ ڊي اي پلاٽ وڪيا )باقي زياده تر علائقا ، ڪالونيون پرائيويٽ ڪمپنين ،۽ پرائيويٽ پلس ايڇ ڊي اي جوائنٽ وينچر معاهدي جي تحت ٺهيون آهن انهن ۾محلا ڪميٽيون به آهن پر اڪثر ڪميٽيون غير فعال آهن هر گھٽي ۾ 15 کان 20 گھر آهن ۽ انهن مان چند گھر اهڙا آهن جيڪي 200 يا 300 رپيا ماهانه ڀنگيءَ کي نٿا ڏين ۽ ڪارنر وارن گھرن جي پاسي۾ پنهنجي گھر جو گند ڪچرو ڦٽي ٿا ڪرائين . جيڪڏهن انهن کي ڪجھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ت ماڳهين جھيڙو ٿو شروع ٿئي
ڪير جيڪر جاءِ ٿو ٺهرائي ته گھر مان نڪتل ڀڳل سرون ۽ ٻيو ڪچرو پنهنجي گھر اڳيان رستي تي وڇرائي ڇڏي ٿو جيئن مينهن جي موسم ۾ سندس گھر اڳيان پاڻي نه بيهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته نتيجتآ سندس گھر جي ٻنهي پاسن کان پاڻي بيٺل هوندو آهي. خبر ناهي ته ڪهڙو گند ڪچرو گٽر ۾ وجھن ٿا جو اڪثر گٽر بند، پوءِ ڀنگين کي منٿون ۽ وري ڀنگي به اهڙا استاد ،جو جنهن ڪم جا شهر ۾ يا لطيف آباد ۾ 200 چارج ڪن ، اهو ساڳيو ڪم قاسم آباد ۾ 1000 رپيا ، شايد اسان قاسم اباد وارا امريڪن ڊالر ۾ ٿا ڪمايون.
********