آمريڪي صدر اوبامه ۽ بهادر صحافي عورت

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
۽ جڏهن اوبامه تقرير ڪندي چيو ته ڊرون حملن جون ڪاروايون ”غير آئيني“ آهن...​
پر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ آمريڪا طرفان ڊرون حملا جائز آهن جيڪي جاري رهندا...​
تڏهن هڪ بهادر صحافي خاتون مڊيا بنجمن آمريڪي صدر کان سوال ڪيو ته ...​
”ڇا توهان ڊرون حملن ۾ هلاڪ هزارين مسلمانن جي پوئنرن کان معافي وٺندو..؟
ڇا ڊرون حملن ۾ هلاڪ ٿيڻ وارن مسلمانن جي وارثن کي ڪا امدادي رقم ڏيندو..؟
توهان مسلمانن کي اهو به ٻڌايو ته انهن جون جانيون به اسان وانگر قيمتي آهن...“
صحافي جي اٿاريل سوالن تي اوبامه جون وايون بتال ٿي ويون ... سندس حالت هن وڊيو ۾ صاف نظر پئي اچي....​
 
پاڻ وارن ڪراچيء جي صحافين به ڪجهه ڏينهن اڳ 90 تي ڪجهه رڪارڊ ڪرڻ جي همت ڪئي هئي پر انهن کان سڀ ڪجهه فري ۽ ڌمڪيون ڏئي ٻاهر ڪڍيو ويو۔

ان عورت جي همت کي سلام هجي جو وقت جي حڪمرانن کي سچ چئي ڏنائين
 
ان صحافي عورت کي جس هجي جنهن ايڏي بهادري ڏيکاري اهڙا سوال ڪيا ۔۔۔۔ جيڪي اسان جي صحافين کي پڇڻ گهرجن ۔۔۔۔ پر هي همراهه ته هوٽل جي بلن جي چڪرن ۽ گفٽ وٺڻ ۾ پورا آهن۔
 
Back
Top