احمد خان بلوچ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ شبير ساگر طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2013۔

  1. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    شبير ساگر
    پهرين سيپٽمبر 2008 تي منهنجي هن ڳوٺ جي اسڪول ۾ بطور هاءِ اسڪول ٽيچر پوسٽنگ ٿي، زندگي جي هن پيچري تي پهچندي پهچندي مون زندگيءَ جون 37 بهارون گذاري ڇڏيون هيون، هتي اچڻ کان پهرين آئون بلڪل به نه ڄاڻندو هئس ته احمد خان بلوچ ڪٿي آهي، احمد خان بلوچ جو نالو ٻڌندي منهنجي ذهن ۾ ٽنڊوڄام جي مڪراني ڳوٺ جا بلوچ ياد اچي ويا ۽ لياري جا بلوچ پڻ هري ٿي آيا، ميرپور ساڪرو کان اوڀر طرف ستن ڪلوميٽرن تي هي ڳوٺ گذريل ٽن صدين کان آباد آهي، ڳوٺ جي آبادي تقريبا ٽن هزار ماڻهن تي مشتمل آهي. ڳوٺ جي تقريبن ست سئو گهرن مان، منجهس ڪجهه پڪيون جايون آهن باقي ماڻهو ڪاٺ جي ٺهيل جاين ۽ ڪانن وارين جاين ۾ رهن ٿا. ڳوٺ ۾ پنج، ڇهه پڪا دڪان، چار پنج مانڊڙيون، ٽي چار هوٽلون، هڪ اسپتال، هڪ پرائمري ۽ هڪ هائر سيڪنڊري اسڪول آهي.
    ڳوٺ ۾ ٻه مسجدون به آهن، جنهن مان هڪ ڳوٺ جي مين اسٽاپ تي پري کان نظر اچي ٿي جڏهن ته ٻي ڳوٺ جي اندر زناني حصي ۾ آهي، جيڪا اڃا تائين نظرن کان اوجهل آهي.
    ڳوٺ جا ماڻهو سادا ۽ ملنسار آهن، ڳوٺ ۾ سندن چواڻي هر سهولت مليل آهي، سواءِ هڪ سرڪاري اسپتال جي، جيڪا اسڪول جي اڳيان اڻ مڪلمل بيٺل آهي. پاڻيءَ لاءِ ڳوٺ جي ٻاهران هينڊپمپ لڳل آهن، جنهن مان پاڻيءَ جو لائينون ڳوٺ جي تقريبن هر گهر ۾ ڇڪيل آهن، جڏهن ته گئس جي سهولت پڻ هتي ناهي پر سندن چواڻي اها هنن لاءِ ايتري ضروري ناهي.
    ڳوٺ جي اڀريندي پاسي روڊ آهي، جنهن جي کاٻي پاسي اسڪول ۽ اسپتال آهي، جڏهن ته ساڄي پاسي سڄو ڳوٺ، مسجد، دڪان ۽ ڳوٺ جي واحد ڊاڪٽر عطاء الله بلوچ جي ڪلينڪ جڳهيءَ جي صورت ۾ موجود آهي.
    ڳوٺ جي اڀرندي طرف ملاحن جي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستي تي ابوبڪر ڪلمتي جي رائيس مل پڻ موجود آهي، جنهن کي آپريٽ ڪرڻ جو ڪم ڀنڀو خان ڪندو آهي، رائيس مل کان ٿورو ئي اڳتي ڳوٺ جو قبرستان پڻ آهي.
    اسڪول جي چئوديواري پويان هڪ ڍورو آهي جنهن جي ڪنڌيءَ تي بيدمشڪ جي وڻن جا جهڳٽا آهن، جنهن مان جڏهن هوائن جو گذر ٿئي ٿو ته هوا جا زوزاٽ ماحول گرمائي ڇڏيندا آهن.
    مون کي هي ڳوٺ گهمائڻ ۾ اسان جي ڊپارٽمينٽ جي بالا آفيسر ۽ ان وقت جي اِي. ڊي. او محترم عبدالوهاب عباسي صاحب جو وڏو هٿ آهي جنهن مون کي سزا طور هن ڳوٺ ۾ موڪليو. هن دور ۾ ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪرڻ (خاص ڪري استاد جي پيشي سان وابسته) کل جهڙي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. هن وقت به ڪيترائي اسڪول ماسترن جي ڊيوٽي ادا نه ڪرڻ سبب بند پيل آهن، جڏهن ته جيڪي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون آهن اهي ڳڻپ کان علاوه آهن، آئون به جڏهن نئون نئون هتي آيو هئس ته گهڻن ئي دوستن ۽ هتي جي ڪجهه ماڻهن جو اهو ئي خيال هو ته نئون ماستر آهي پاڻهي ڪجهه ڏينهن ۾ ماحول سان ايڊجسٽمينٽ ڪري يا اِي ڊي او جي ڪلارڪ سان منٿلي طئي ڪري پنهنجي ڳوٺ ڀڄي ويندو، پر الله سائين جا ڪرم آهن جو آئون ماستر ٿي ڪري نه پر هڪ استاد ٿي ڪري پنهنجا فرض خوش اسلوبي سان ادا ڪري رهيو آهيان.
    هن ڳوٺ جي ماڻهن مون کي ايتري محبت ڏني آهي جو مون کي هي ڳوٺ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪوٽ عالمون کان به وڌيڪ پنهنجو ٿو لڳي، اڄ جڏهن مون کي هتي چئن سالن کان مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي پر لڳي ائين ٿو ڄڻ آئون هتي صدين کان رهندڙ آهيان.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    استاد جو ادب سنڌ جي تهذيب ۾ انتها درجي جو آهي ،اصل سنڌي استاد جو ادب ڪري ڄاڻين ،اوهان کي محبت اوهان جي خلوص سان ملي آهي اگر اوهان به ماستر ٿي وڃو هان ته اوهان به پنهجو مان نه ڪرائي سگهو هان،اوهان جو شان تمام اعلي آهي الله پاڪ اوهان کي پنهجي حفظ و امان ۾ رکي اوهان جا درجا بلند فرمائي ،اوهان جو قدر تمام اعلي آهي سائين ،الله پاڪ اوهان کي دنيا وآخرت جي ڪاميابي عطا فرمائي آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين شبير ساگر سنڌ جي ڳوٺ بابت اوهان جي ڊائري جا ورق يا اوهان جو مضمون سچ ته دل ۾ گهري ويو ۔۔۔۔ اسان سڀني کي ايئن ئي لکڻ گهرجي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    سائين عتيق الرحمان ۽ سائين سليمان وساڻ صاحب اوهان جي مهرباني جو اوهان منهنجي مختصر تحرير کي پسند ڪيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو