مخدوم طالب الموليٰ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    سالگره 4 آڪٽوبر 1919 (ورسي 11 جنوري 1993 ع)

    مخدوم طالب الموليٰ 9 محرم الحرام 1338 هه ، 4 آڪٽوبر 1919 ع تي هالن نون ۾ ڄائو. سندس ڏاڏي حضرت مخدوم ظهيرالدين عرف مخدوم پرو ڄام 15 سجاده نشين حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمت جي لاڏاڻي بعد سندس پڦين ۽ ننڍي چاچي ميان غلام حيدر پاران سارسنڀال ڪئي وئي. هن قرآن جي تعليم آخوند ولي محمد کان ورتي. هن سنڌي تعليم جي شروعات عبدالغفور کان ڪئي ۽ مڪمل حاجي عبدالرحمان انجم هالائي وٽان ڪئي. هن 14 سالن جي ڄمار ۾ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي عبدالحئي ڦلپوٽي کان ورتي. هن انگريزي جا ٽي درجا غلام رضا ڀٽي وٽان حاصل ڪيا. سندس والد پاران ذهني تربيت ڪرڻ سميت پنهنجن معزز دوستن ۽ مريدن سان پڻ ملايو ويو. رئيس غلام محمد نظاماڻي سندس هم ڪلاسي هو.

    26 جون 1938 ع ڌاري 18 سالن جي ڄمار ۾ سندس پيرميان امام علي صديقي جي ڀيڻ سان شادي ٿي، جنهن 14 نومبر 1940 ع تي وفات ڪئي. سندس ٻئي شادي 9 ڊسمبر 1942 ع تي مولوي فضل احمد غزنوي جي ڌيءُ سان ڪرائي وئي.

    هن 1934 ع ڌاري شاعري جي شروعات ڪئي. هن هالا ۾ ”الزمان پريس“ قائم ڪري ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ اخبارون جاري ڪيون. ”انجمن علم و ادب هالا“ جي سرپرستي ڪندي 1 نومبر 1952 ع ڌاري هالا ۾ هڪ عظيم الشان ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي. هن ”ماهوار فردوس“ رسالو سنڀاليندڙن جي هر لحاظ کان رهبري ڪئي پر رسالو سنڀاليندڙن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيڻ بعد رسالو پنهنجي نگراني هيٺ شايع ڪرائڻ لڳو. 1952 ع ۾ سندس رهنمائي هيٺ ”طالب الموليٰ “ رسالو ڪڍيو ويو. 1954 ع ۾ سندس رهنمائي هيٺ ”روح ادب“ ۽ ”ماهوار شاعر“ شايع ڪيا ويا.

    1957 ع ۾ هي جميعت شعراء سنڌ جو صدر چونڊيو ويو. هي سنڌي ادبي بورڊ جو ٻه ڀيرا چيئرمين پڻ رهيو. سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو تعداد 22 جي لڳ ڀڳ آهي، جن جو وچور هي آهي

    بهار طالب

    رباعيات طالب

    اسلامي تصوف

    شيطان

    خود شناسي

    امام غزالي جا خط

    در ناياب عرف ياد رفتگان

    مثنوي عقل و عشق

    ڪچڪول طالب

    ڪافي

    شان سروري

    بي پير اکيون

    ڇپر ۾ ڇڙيون

    مضامين طالب الموليٰ

    ديوان طالب الموليٰ

    مصري جون تڙون

    سدا وسين سنڌڙي

    آب حيات

    چهنڊڙيون

    منهنجو ننڍپڻ

    بهارستان

    لغات سنڌي مخففات !

    سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ نومبر 1955 ع ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد وڌو ويو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاڪستان 1965 ع ۾ ”تمغه پاڪستان“ ۽ 1992 ع ۾ ”هلال امتياز“ جي اعزازن سان نوازيو. هي 11 جنوري 1993 ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا مگسي تمام سٺي محنت آهي ڪئي توهان انهي لا۽ کيرون لهڻو
    ويل ڊن ادا مگسي
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا تمام بهترين شيئرنگ آهي، مٺا توهان جي اهڙيون ناياب شئيرنگس جو بي چيني سان انتظار رهندو آهي.
     
  4. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني.
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين مخدوم طالب المولي جي باري ۾ معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ اوهان جا ٿورائتا آهيون....

    اوهان جي اهڙين لکڻين جو بيحد انتظار رهندو.........
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا زاهد، سچ ٿو چئين
     
  7. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني.
     
  8. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مخدوم طالب الموليٰ

    مخدوم طالب المولى جي 17هين ورسي ڪالهه اا جنوري تي هالا ۾ ملهائي وئي۔ جنهن ۾ شاگردن ۽ استادن کان علاوه مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ ان موقعي تي نامور علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن پاران مخدوم طالب المولى کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مخدوم طالب الموليٰ

    ادا مگسي پيارا اوهان تمام پياري شيئرنگ پيش ڪئي آهي مخدوم طالب المولي سنڌ جي نامور شخصيت هئا سندن تعارف ڪرائي اوهان دادِ تحسين جا حقدار بڻيا آهيو اوهان کي جس هجي ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو