مست
سينيئر رڪن
(جمعو فقير لاڙڪاڻي جو وتايو فقير۔طور مشهور رهيو آهي)
جمعي فقير کي رمضان جي مهيني ۾ ڪنهن چيس۔۔ جمعا فقير ڏس واپارين کي خدا جو خوف ڪونهي رمضان جي مهيني ۾ به ڪيڏي قهري مهانگائي ٿا ڪن۔ ڪو غريب ويچارو نه کائي ٿو سگهي نه پي ٿو سگهي۔۔
جمعي فقير عاجزيءَ سان وراڻيو۔۔
ابا چڱو ٿا ڪن۔۔ انهن جي انهيءَ عمل ۾ به هڪ راز اٿئي، هنن جي مهانگائيءَ جو هڪ فائدو ته اهو آهي۔۔ جيڪي روزو نه رکندا هئا۔۔ اهي بک ته اونئين سهن پيا هاڻي روزا رکي ثواب ڪمائڻ جو سوچيندا۔
اهي واپاري لڳي ٿو ته سڀ حاجي سڳورا اٿئي انهن کي حڪم ٿيو آهه ته مهانگائي ڪيو ته جيئن خلق خدا روزا رکي۔۔۔
(هڪ سنڌي ڪهاڻيءَ مان ورتل)