نثارناز
سينيئر رڪن
ينگ رائٽرس فورم سنڌ پاران ڪُل سنڌ بسنت مُشاعرو سنڌي لينگويج اٿارٽي هال حيدرآباد 19 اپريل 2013
رپورٽ نثاراحمدناز
ڪو دور هوندو هو جو سنڌ ۾ مُشاعرن جو رواج پئجي ويو هو، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڏا مُشاعرا ٿيندا هُئا، گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ هڪ دفعو ته شاعرن ۽ شاعرائن جو گڏيل مُشاعرو ضرور ٿيندو هو پر وقت سان گڏ انهن مشاعرن جو رواج گهٽجندو ويو، توڙي جو شاعرن جو تعداد وڌيو آهي پر اُهي مُشاعرا نه رهيا آهن جن سان سينئر ۽ جونيئر شاعرن جا گڏيل مُشاعرا نون شاعرن جي اصلاح جو سبب بڻبا هئا اهڙيءَ ئي ضرورت کي محسوس ڪندي ينگ رائٽرس فورم سنڌ طرفان سنڌي لئنگويج اٿارٽي هال حيدرآباد ۾ ڪُل سنڌ بسنت مُشاعري جو اهتمام ڪيو ويو. 19 اپريل جمع جي ڏينهن شام جو 6 وڳي پي ٽي وي جي سينئر پروڊيوسر ۽ نامياري شاعر سميع بلوچ جي صدارت هيٺ خوبصورت شاعرن ۽ شاعرائن جو گڏيل مُشاعرو ٿيو جنهن جي خاص مهمان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعره رُخسانه پريت هُئي جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مُشتاق ڦُل ، مرڪزي ناري جوائنٽ سيڪريٽري آپا مهرالنساءِ لاڙڪ ، خوبصورت شاعره زمر محبوب ، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪه امر سنڌو، ۽ ڪتاب عڪس گُل جي سرجڻهاره گُل بيبي شاهه بُخاري شامل هُئا. مشاعري جي باقائده شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي ۽ مشهور نعت خوان جاويد چنه نعت پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ ينگ رائٽرس فورم طرفان شوڪت چاچڙ آجياڻو پيش ڪندي چيو ته ينگ رائٽرس فورم سنڌ جو مقصد سينئر ۽ جونيئر شاعرن جون گڏجاڻيون ڪرائي نوجوانن جي اصلاح ڪرڻ آهي. ۽ نوجوان اڀرندڙ ليکڪن کي همٿائڻ انهن جا ورڪشاپ ڪرائڻ ۽ ٻاهرين مُلڪن جا دورا ڪرائڻ آهي ته جيئن سنڌ جو نوجوان جيڪو بي راهه روي جو شڪار ٿي رهيو آهي ان ۾ علم ادب ۽ لکڻ ، پڙهڻ جو چاهه پيدا ٿئي ۽ اڳتي هلي سنڌي ادبي کي ڪي سُٺا اديب ۽ شاعر ڏئي سگهون هن چيو ته ينگ راٽرس فورم جا سڄي سنڌ ۾ يونٽ کولڻ کانپوءِ باقائده ورڪشاپ ۽ ٽوئر پروگرام ڪيا ويندا.
آجياڻي واري تقرير کانپوءِ سنڌ جي مختلف شهرن کان ڪهي آيل شاعرن ۽ شاعرائن جو گڏيل مُشاعرو شروع ڪيو ويو . جن واري وري سان شعر پڙهندي زبردست داد حاصل ڪيو. جن ۾ الحاج شاهنواز مُسافر ، خطائي ٿيٻو، لهڻو خان سارنگ جمالي، سليم چنه ، انور ساگر، ملهار سنڌي، يوسف لغاري ، نبي بخش ناز، علي انور جوکيو، امين لاکو، احساس سمون، علي اڪبر شائق، ارشاد سومرو، نسرين الطاف ، عاشق علي ڳاهو، آغا جان آغا، مصطفى آڪاش نوناري، نثاراحمدناز، مشتاق گبول، اڪرم بُخارائي، طالب ڀنڀرو، نسرين ٿيٻو، نويد سنديلو، مولابخش محبتي ، محترمه گُلبدن جاويد مرزا، افضل سولنگي، سرمد تُنيو سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن نڪور شاعري پڙهي زبردست داد حاصل ڪيو جڏهن ته گلوڪار رحمت علي ميرالي “هُوءَ ڪيڏِي نه بي چئي آ” ۽ ٻيا ڪلام ڳائي ماحول مهڪائي ڇڏيو . لوڪ فنڪار مائي ڀاڳي جي خاندان سان تعلق رکندڙ فنڪار برڪت فقير به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو جڏهن ته اسٽيج تي ويٺل شاعرن سميع بلوچ، رُخسانه پريت، بخشڻ مهراڻوي، ڊاڪٽر مُشتاق ڦُل ، زمر محبوب ، مهرالنساءِ لاڙڪ ۽ گُل بيبي شاهه پنهنجي شاعري پڙهي ته هن بسنت مُشاعري کي چار چنڊ لڳي ويا. صدارتي خطاب ڪندي سميع بلوچ چيو ته ينگ رائٽرس جي چيئرمين غلام مصطفى سولنگي عورتن ۽ مردن جو گڏيل مُشاعرو ڪرائي پراڻي روايت کي ورجايو آهي ۽ اهڙا مُشاعرا ڪرائڻ سان شاعرن ۾ ميل ملاقات جو موقعو فراهم ٿئي ٿو ۽ سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل شاعرن کي هڪ هنڌ گڏ ٿي هڪٻئي کي ٻُڌڻ جو موقعو فراهم ٿئي ٿو. جيڪو هڪ مثبت عمل آهي. جنهن کي سڀني کي گڏجي اڳتي وڌائڻ گُهرجي، هي بسنت مُشاعرو سڀني لاءِ يادگار هُوندو اهڙيءَ طرح شام جو 6 وڳي شروع ٿيل هي مُشاعرو رات دير تائين پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتو
پيش آهن هن يادگار مشاعري جا چند وڊيو ڪلپس
سنڌ مشهور ڪمپيئر ۽ شاعر محترم بخشڻ مهراڻوي پنهنجي شاعري پڙهندي
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ڊاڪٽر مُشتاق ڦل شاعري پڙهندي
سنڌ سلامت جو جهونو ٽي درجي وارو شاعر نثاراحمد ناز پنهنجي شاعري پڙهندي
فيس بُڪ جو انتهائي ايڪٽو ساٿي محترم آڪاش مصطفي نوناري آف ڪنڌ ڪوٽ پنهنجي شاعري پڙهندي