سعودي عرب ۽ حب الوطني

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    هونءَ ته دنيا ڀر جون قومون پنهنجي ديس ، ڌرتي ۽ انجي وسيلن تي ائين نظر رکنديون آهن جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ابهم ٻار تي نظر رکندي هجي ... دنيا جون قومون پنهنجي ملڪي قانون، ملڪي ادارن ۽ قومي خوشحاليءَ لاءِ ڏينهن ۽ رات پاڻ پتوڙي رهيون آهن، ۽ پنهنجي قومي ٻڌي ۽ هڪجهڙائيءَ واري عمل سان زندگيءَ جي وهنوار کي خوشحال کان خوشحال ڪري رهيون آهن.

    سعودي عرب هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ دنيا ڀر کان مسلمانن سميت ٻين مذهبن جا ماڻهون پڻ مختلف سببن ڪري اچن ٿا ... ڪي عمري ته وري ڪي حج ته ڪي وري ڪم جي سانگي اچن ٿا ... دنيا جا ڪيترائي ماڻهون عمري يا حج جي بهاني اچي سعودي عرب ۾ اچي رهنٿا ۽ ڪم ڪار ڪري ناڻو ڪمائي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلن ٿا.

    سعودي حڪومت وقت به وقت پنهنجي ملڪي قانون تي نظرثاني ڪري، اهڙن مسئلن سان منهن ڏيڻ جا جتن ڪندي رهي ٿي، ڀلا جنهن ملڪ ۾ جيترا اصل باشندا هجن ۽ ان ملڪ ۾ ان جيترائي ڌاريا هجن ته ان ملڪ ۾ اصل کي اصل رکڻ ۽ ڌاريي کي ڌاريو رکڻ ڪو سولو ڪم ته ناهي ... پر شابس آهي سعودي حڪومت کي جو هو ان عمل ۾ پنهنجن قانونن جي وسيلي ڌارين/اجنبين کي هميشه پنهنجي قانون جي دائري ۾ رکيو آهي.

    ڪجهه سالن کان ”سعودائيزيشن“ مطلب، ادارن ۾ سعودي/ملڪي ڀرتي ڪيا وڃن جو هڪ فڪر شروع ٿيو، جنهن سان ڏسندي ئي ڏسندي ايترا ته قانون لاڳو ڪيا ويا جو هن وقت لکن جي تعداد ۾ اجنبين جي جاءِ تي سعودي نوڪرين ۾ اچي ويا آهن ۽ ڌارين/اجنبين کي اهڙن ته قانون ۾ ٻڌي ڇڏيو اٿن جو مجال هو ان کان ڪنڌ ڪڍائي سگهن. بلڪ لکين اجنبي پنهنجن ملڪن ڏانهن روانا ڪيا اٿن.

    هر اداري تي اهڙا قانون لاڳو ڪيا اٿن جو هنن کي ڪيئن به ڪري سعودي ڀرتي ڪرڻا آهن، ڪنهن اداري ۾ 100 ، ڪنهن ۾ 90 ڪنهن ۾ 80 فيصد سعودي ڀرتي ڪرڻا آهن، ٻي صورت ۾ انهن ادارن جا ڪم بند ٿي وڃن ٿا يا وري انهن ادارن تي ڳاٽي ٽوڙ جرمانه لڳايا وڃن ٿا ڪن کي ته مورڳو بند ڪيو وڃي ٿو ... اهڙي طرح سان هر ادارو سعودي شهرين کي ڀرتي ڪرڻ جو پابند آهي ...

    اڄوڪي اخبار مطابق تازو شروع ڪيل نتقاط پروگرام ذريعي 6 لکن کان به وڌيڪ سعودي نوڪرين تي لڳايا ويا آهن ... ۽ لکن جي تعداد ۾ اجنبين کي يا ملڪ موڪليو اٿن يا قانون ۾ ٻڌي ڇڏيو اٿن ۽ انهن مٿان اهڙيون ته ڳريون شرطون جو اجنبي يا ڀچي وڃي يا وري قانون پورا ڪري.

    انکي چوندا آهن حب الوطني ...

    حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو​
     
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ٿي سگهي ٿو اها حب الوطني هجي پر ٻروچ جي سمجهه کان ٻاهر آهي۔۔ ڪجهه رهنمائي جي ضرورت آهي۔۔ ڇو ته ٻروچ جي نظر ۾ هر چمڪندڙ شي سون نه هوندي آهي۔۔ ٻڌو آهي ته جيڪڏهن توهان مشرقي سعوديه ۾ وڃي اتان جي حالت ڏسو ۽ اتي رهندڙ عربين کان ظلمن جا داستان ٻڌڻ ۾ ملندا۔۔ ٻيو ته شهنشاهيت کي قائم رکڻ لاء اهڙا عملي اپاء وٺڻ حڪمرانن جي مجبوري به آهي ڇو ته انهن جي بقاء جو مسئلو آهي۔۔ عربي کي عجمي تي فوقيت ڏيڻ ڪو وڏو ڪارنامو ڪونهي پر پنهنجي بادشاهي جي تسلسل کي يقيني بنائڻ آهي۔۔

    ترقي يافته ملڪن ۾ نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته انهن ملڪن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا باشنده اچي رهائش پذير ٿيا آهن، جن ۾ مذهب، زبان، ثقافت، رهڻي ڪهڻي جا ڪا به يڪسانيت ڪانهي پر اتي هر ڪنهن وٽ برابري جا حق آهن، ۽ هر ڪوئي خوش آهي ۽ آزاد آهي۔۔ جنهن ۾ اهو ثابت ٿئي ٿو ته سماج ۾ عدل هجڻ ۾ ترقي جو راز آهي۔۔ ڇا اتي حب الوطني ڪانهي؟؟

    اسان جي سنڌ ۾ هر سنڌي ٻئي سنڌي جا حق مارڻ جي تاڙ ۾ رهندو آهي۔۔ اسان جو معاشرو تباه حالي جو شڪار آهي ته ان ۾ سٺا حڪمران ڪيئن چونڊبا ۽ جيڪڏهن مرده ضمير حڪمران هوندا ته عدل ۽ انصاف ڪٿان ايندو۔۔ اسان ان ۾ خوش ڇو هوندا آهيون ته ڀلي ڪو موالي يا انڱوٺي ڇاپ حاڪم هجي پر سنڌي هجي۔۔۔ جيڪڏهن ڪو تعليم يافته ۽ قابل فرد جنهن جي زبان سنڌي نه آهي اسان لاء ناقابل قبول آهي ۽ ان خلاف اعلان جنگ به ڪنداسين ته ان کي زندگي ۽ موت جو مسئلو ٺاهي ڇڏينداسين۔۔ اهڙي حب الوطني اڄ ڏينهن تائين ته ڪجهه به نه ڏئي سگهي آهي۔۔ اڳتي جي خبر مالڪ کي آهي۔۔ اسان بحيثيت قوم ساڳين آزمايل ظالم حڪمرانن جي حڪمراني کي قبول به ڪري چڪا آهيون ته وري انهن کي چونڊڻ لاء به تيار آهيون۔۔ ڇو ته اهي ڌاڙيل سنڌي آهن ۽ پنهنجا آهن۔۔ ۽ اسان کي ان ۾ حب الوطني نظر اچي ٿي۔۔

    بس ڙي يار۔۔ ڇا ڪجي۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مطلب ته سعودي وارا هر سعودي واسي يعني پنهنجي ملڪ جي باشندي کي نوڪري سان لڳائين ٿا، ڌارين کي ملڪيتون وٺڻ جو حق ناهي ۔۔۔۔ اهي سڀ شيون حب الوطني ئي آهن۔

    پر اسان وٽ جڏهن برمي، بهاري، بنگالي، پنجابي، پٺاڻ، ٻروچ، افغاني اچي سنڌ جون زمينون خريدي مالڪ بڻجي ويهي ٿو رهي ۔۔۔ ڪراچي جي مالڪي جي دعوا ٿو ڪري ۽ اسان دانهون ٿا ڪيون ته پوء چيو وڃي ٿو ته سڀ مسلمان هڪ قوم آهن ۽ ان ناتي مسلمانن کي به حق آهي ۔۔۔۔۔۔ پوء ڀلا سعودي پنهنجي قوم يعني مسلمانن کي ڀاء چئي انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڇو نه ٿا سمائن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    يار سليمان صفا ماري ڇڏيئي يار۔۔۔ واه جو سوال آ۔۔ جنهن جو جواب ته هر ڪو ڄاڻي ٿو پر ڪُڇان ته ڪافر ٿيان جي ڊپ کان هر ڪو خاموشي کي ترجيح ڏئي ٿو۔۔
    باقي مٿي جيڪو نه ”ٻروچ“ لکيو اٿئي ان تي بلڪل اعتراض آهي پر وضاحت ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي ڇو جو موضوع کان هٽيل بحث ٿي ويندو۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو