خبر ناهي ڇو جڏهن به ڪو دوست ڪا وڊيو ٽيگ ڪندو آهي ته ان تي ڪا راء ڏئي ناهيان سگهندو۔ ان جو هڪ سبب وقت جو نه هجڻ به هوندو آهي ته 5 منٽن جي وڊيو ڪير ڏسي۔ اڄ فيسبوڪ تي دوست شبير ڪنڀار جي وڊيو البم ۾ مانجهي فقير جي صوفي انداز ۾ ڳايل 14 منٽن جي ڪلام جي وڊيو تي ڪلڪ ڪيم ۽ پوء ٻڌندو ئي رهيس ۔۔۔۔۔ اهوئي انسانيت لاء پيغام آهي، هي ڪلام دل سان ٻڌڻ جهڙي آهي۔ عجب اهو اسلام جئن انڌا تو اپنايو ته ماڻهو مار ثواب،جنت ڪاڻ ٻين کي ڏئي اذيتون عذاب، جنهن ۾ نه ادب، احساس آ، سو خون خور خراب، لا اقراه في الدين اهو جانب مڪو جواب، مانجهي عزت مآب ڪوڙو ڪوٺجي ڪين ڪي. اولي ۾ اسلام جي ڪرين فتنا ۽ فساد، نفي ڪارڻ نفجي ٿو جوٺا ڪرين جهاد، الفتنت اشد منل قتل آيو هي ارشاد ته مانجهي حياتي حق کي آ بڇڙو ئي برباد ، حقوق الله کان وڌ حقوق العباد، آهن سي آباد جن محبت ڪئي مخلوق سان۔ اڇو آ اسلام پر اپنايئون نه اڇو ٿي، مولا جي مخلوق ۾ بيحد ٿيا بدنام ، سلامتي سڀن لئ آھن الله جا احڪام، لڪم دينڪم ولي دين ڪيئون نه ڪن ڪلام ته مانجھي محبت مام ڪن نڀاڳن نصيب ٿئ۔۔ دلبر وارو دين جن قبوليو قرب سان، سدائين سنسار ۾ اوجَر سي ته امين، مھو مستقيم تي ڪڇن ڪنهن سان ڪين، مانجھي سي مبين جن دلؤن دين اپنايو۔۔ ( مانجهي فقير )https://www.facebook.com/video.php?v=463794100319696
واه واه ۔۔۔ اها رات ياد اچي وئي جڏهن پاڻ روشن تارا اسڪول ۾ گڏ ٿيا هياسون ۽ صوفي ڪلام ٻڌا هياسون ۔۔۔ لک قرب سهڻو ونڊ