هڪ غريبي ٻيو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ جميل احمد عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2013۔

  1. جميل احمد عباسي

    جميل احمد عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جون 2010
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هڪ غريبي ٻيو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي


    سيتاروڊ .... جميل احمد عباسي
    اسان جي ملڪ ۾ عوام جي بدقسمتياها وڏيآهي جو گذريل پنجن سالن دوران تيل جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن سبب، روزمرهه وارين شين ۾ خاص طور کاڌي پيتي جي شين کي مهانگائي عام ماڻهن جي پهچ کان وڌيڪ پري ڪري ڇڏيو آهي.ملڪ اندر غريبن جي بدتر حالت ۽ معاشي گهوٽالي جون شاهديون هاڻ عالمي توڙي ڏيهي مالياتي ادارن جو رپورٽون به ڏئي رهيون آهن، تازو آيل ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ رپورٽ موجب چانورن ۽ ڪڻڪ جي اگهن ۾ واڌ سبب پاڪستان سميت لکين ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي پنهنجون حياتيون وڃائي سگهن ٿا. ملڪ هن وقت بدترين معاشي بحرانن جو شڪار آهي، جنهن جا سبب توانائيءَ جي کوٽ بدامني ۽ سياسي غير يقيني سميت حڪمرانن پاران ڪرپشن جي ڏنل کليل ڇوٽ آهي. ان صورتحال جا حقيقي شڪار اهي ماڻهو ٿي رهيا آهن جن جي آمدني سندن لاءِ ٻن ويلن جي ماني جو به بندوبست نٿي ڪري سگهي. ماڻهون ويچارا بک ۽ بدحالي سبب ڦاڪا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن ٻئي طرف نوجوان پڙهيل لکيل نوڪرين جي آسري عمر ڳاري رهيا آهن ته ڪي نوجوان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. ملڪ ۾ معاشي صورتحال هر نئين ڏينهن نئين بحران جو شڪار ٿي رهي آهي، جڏهن ته حڪمران ماضي جي حڪمرانن جيان عوام کي فقط سکڻا ڏٽا دلاسا ۽ آسرا ڏيندي وقت ڪڍي رهيا آهن، موجوده حڪمران پڻ پنهنجي جمهوري ۽ آئيني مدي جا پنجن سالن کان عوام کي مختلف خواب ڏيکاريندي ۽ آسرا ڏيندي گذاري چڪا آهن، جڏهن ته انهن پنجن سالن دوران عوام سان جيڪو ويڌن ٿيو آهي، ان جي شاهدي بک توڙي بدحالي سبب آپگهات ڪندڙ نوجوانن جا لاش ڏئي رهيا آهن. کاڌي پيتي جي شين کان وٺي روز مره جي استعمال جي شين جا اگهه وڌڻ سبب عام ماڻهن زندگين تي وڏا فرق پئجي ويا آهن ڪپڙا ڌوئڻ واري صابڻ کان وٺي هر شيءَ کنڊ، چانهه، گيهه سميت ٻين شين جا آگهه چوٽ چڙهيل آهن. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اڀياس موجب اگهن ۾ 10 سيڪڙو واڌ وڌيڪ 30 ملين هندستانين کي ۽ وڌيڪ 4 ملين بنگلاديشين کي غربت جي سطح کان هيٺ ڪيرائي سگهي ٿي. جڏهن ته پاڪستان ۾ به واڌ 3.5 ملين ماڻهو ان صورت ۾ غربت جي سطح کان هيٺ ڪرندا. اها رپورٽ پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ اندر غربت ۽ مهانگائي جو سٽيل عوام هاڻ اڃا ڪيترو صبر ڪندو ۽ آخر ڪيستائين حڪمرانن جي دلاسن کي برداشت ڪندو؟ ان کان اڳ جو عوام صبر ڪري ڪري ٿڪجي پوي ۽ حڪمرانن کي عوام جي حالت تي رحم ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ اندر مهانگائي توڙي ڪرپشن جي خاتمي سميت عوام جي بهتري لاءِ جامع پاليسي جوڙي اثرائتا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي.حڪومت عوام جي صرف ووت کي ترجيع ڏئي ووت وٺي ۽ پوءِ گم ٿي وڃي ٿي جڏهن ته پاڪستان ۾ هاڻي پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ سي اين جي سميت ڪيترين ئي شين ۾ هٿراڌو واڌ ڪري رهيا آهن ان جو سبب هي آهي ته عوام بسن وينن جا ڳاٽي ڀڳا ڪِرايا برداشت ڪري رهي آهي.وڏو ظلم ته عوام سان موبا.ئيل جي استعمال ڪرڻ تي به نيٽ ورڪ جي ٽيڪس کان علاوه دوڪاندار جو به هٿراڌو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو جو هڪ غريب جيڪڏهن 30، 50، يا ان کان وڌيڪ بئليس لوڊ ڪرائي ٿو ته دڪاندار پنهنجو ٽيڪس روپيو يا ٻه روپيه ڪٽي باقي لوڊ مولي ٿو. آخر ڪيسيتائين پاڪستان جي عوام کي سک جو ساهه ۽ بيروزگاري ۽ بدحالي کان نجات ملندي؟؟؟؟؟؟ هاڻي حڪمرانن کي نه پر عوام کي پنهنجي پاڻ لاءِ خود ڪجهه سوچڻو پوندو!!!
    سيتاروڊ جميل احمد عباسي
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واقعي ادا مهناگائي جي آزار سبب عوام سخت پريشان آهي، حڪومت تبديل ٿي پر وفاق جي، ڏسون ته ڪهڙا نوان سامان کني ٿا اچن ۔۔۔ باقي ادا هتي ته سائين قائم علي شاهه تا حيات وزير اعلا ٿي ويو ۔۔۔ معنى ته سنڌ جو خير۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو