وارن لاءِ تيل لازمي 2686 اٽيچمينٽ ڏسو 2686 اٽيچمينٽ ڏسو عام طور تي وارن ۾ تيل وجهڻ کي سٺو نه سمجهيو ويندو آهي خاص ڪري اڄ ڪلهه جي جديد دور ۾ جڏهن بازار ۾ مختلف قسمن جا هيئر ٽانڪ اچي ويا آهن. پر ان جو مطلب هي هرگز ناهي ته اوهان تيل کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو ڇو ته بازاري هيئر ٽانڪ عام طور تي فائدي بدران نقصان جو سبب بڻجن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته سرنهن ناريل يا زيتون جو تيل وارن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي. ان سان وار نه رڳو صحتمند ۽ چمڪندڙ رهن ٿا بلڪه هي تيل وارن ۾ جلد جزب ٿي انهن جي پاڙن کي پختو بڻائي ٿو. جنهن ڪري وار گهاٽا ٿيڻ لڳن ٿا ۽ انهن جو ڇڻڻ به ڪافي گهڻي تائين گهٽجي وڃي ٿو. عام طور تي وهنجڻ کانپوءِ وارن ۾ تيل هنيو ويندو آهي پر جيڪڏهن وهنجڻ کان پهريان تيل وڌو وڃي ته ان سان وڌيڪ فائدو ٿئي ٿو نه رڳو وار مضبوط پر خشڪي به ختم ٿي وڃي ٿي. تيل وارن بدران مٿي جي چمڙي تائين لڳايو وڃي. آڱرين سان مالش ڪرڻ جي پندرنهن منٽن بعد ڦڻي ڏيو پر ڦڻي وڏن ڏندن واي هجڻ ضروري آهي.
سائين مان روزانو تيل ڦليل ڪري پوءِ آفيس ايندو آهيان۔۔جنهن ڏينهن تيل هڻن وسري ويندو آهي ان ڏينهن منهنجا وار ڪانوءَ جو آکيرو بڻجي ويندا آهن۔۔ان ڪري تيل هڻن نه وساريندو آهيان۔