وارن لاءِ تيل لازمي

'سورنهن سينگار' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    وارن لاءِ تيل لازمي
    2686 اٽيچمينٽ ڏسو 2686 اٽيچمينٽ ڏسو

    عام طور تي وارن ۾ تيل وجهڻ کي سٺو نه سمجهيو ويندو آهي خاص ڪري اڄ ڪلهه جي جديد دور ۾ جڏهن بازار ۾ مختلف قسمن جا هيئر ٽانڪ اچي ويا آهن. پر ان جو مطلب هي هرگز ناهي ته اوهان تيل کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو ڇو ته بازاري هيئر ٽانڪ عام طور تي فائدي بدران نقصان جو سبب بڻجن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته سرنهن ناريل يا زيتون جو تيل وارن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي. ان سان وار نه رڳو صحتمند ۽ چمڪندڙ رهن ٿا بلڪه هي تيل وارن ۾ جلد جزب ٿي انهن جي پاڙن کي پختو بڻائي ٿو. جنهن ڪري وار گهاٽا ٿيڻ لڳن ٿا ۽ انهن جو ڇڻڻ به ڪافي گهڻي تائين گهٽجي وڃي ٿو. عام طور تي وهنجڻ کانپوءِ وارن ۾ تيل هنيو ويندو آهي پر جيڪڏهن وهنجڻ کان پهريان تيل وڌو وڃي ته ان سان وڌيڪ فائدو ٿئي ٿو نه رڳو وار مضبوط پر خشڪي به ختم ٿي وڃي ٿي. تيل وارن بدران مٿي جي چمڙي تائين لڳايو وڃي. آڱرين سان مالش ڪرڻ جي پندرنهن منٽن بعد ڦڻي ڏيو پر ڦڻي وڏن ڏندن واي هجڻ ضروري آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    تمام بهترين معلومت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين مان روزانو تيل ڦليل ڪري پوءِ آفيس ايندو آهيان۔۔جنهن ڏينهن تيل هڻن وسري ويندو آهي ان ڏينهن منهنجا وار ڪانوءَ جو آکيرو بڻجي ويندا آهن۔۔ان ڪري تيل هڻن نه وساريندو آهيان۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سائين پاڻ ته تيل وارن کي ھڻندا آھيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سٺي ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو